گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ڪهڙي ڳالهه ٻولهه ٿي…؟ پرڏيهي وزير جي پريس ڪانفرنس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس کي ٽيليفون تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ڳڻتي جوڳي صورتحال بابت آگاهه ڪري ڇڏيو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال تي منهنجي ڪوشش هئي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان ڳالهايان ۽ سلامتي ڪائونسل جي اجلاس کانپوءِ جي صورتحال بابت آگاهه ڪيان، جڏهن ته اڄ منهنجي ان سان ڳالهه ٻولهه ٿي، هو هن وقت پئرس ۾ آهي ۽ ساڻس ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي.

هن ٻڌايو ته مان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا، ڇو ته جنهن ريت هن پنهنجي بيان ۾ قانوني ۽ سياسي طور درست موقف پيش ڪيو ان تي نه رڳو پاڪستان پر ڪشميرين کي به حوصلو مليو.

سندس چوڻ هو ته گفتگو دوران مان انتونيو گوتيرس کي ٻڌايو ته سلامتي ڪائونسل جو اجلاس وقت سر هو ۽ معاملي کي نظر ۾ رکندي اهو طلب ڪيو ويو، ان اجلاس جي بند ڪمري ۾ گفتگو سان اسان کي پيغام مليو ته سڀ ميمبر معاملي جو پرامن حل چاهين ٿا.

پرڏيهي وزير موجب مان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي چيو ته هڪ پاسي اسان سان پرامن طريقي سان اڳتي وڌڻ جو تقاضو ڪيو پيو وڃي ته ٻئي پاسي وري والاريل ڪشمير ۾ 20 ڏينهن کان ڏينهن ۽ رات ڪرفيو لاڳو آهي، اهو ئي نه پر گذريل ڏينهن جمعي جي نماز ۾ رنڊڪون وڌيون ويون، جڏهن ته ان دوران جيڪي ماڻهو گهرن کان نڪتا انهن تي پيلٽ گنز جو حملو، شيلنگ ۽ تشدد ڪيو ويو.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير تڪرار تي 3 ڌريون آهن، جن مان ٻه ڌريون 5 آگسٽ تي پنهنجو واضح موقف پيش ڪري چڪيون آهن، پاڪستان مڪمل طور تي ان قدم کي رد ڪري چڪو آهي ۽ ان قدم کي غير قانوني، غير آئيني، سيڪيورٽي ڪائونسل جي ٺهرائن تي ابتڙ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف قرار ڏئي چڪو آهي، جڏهن ته ڪشميري به ان قدم کي رد ڪري چڪا آهن، ٽين ڌر اڄ ورهايل آهي، جنهن جو عملي مظاهرو اڄ سرينگر ايئرپورٽ تي ڏٺو ويو.

هن چيو ته ڀارت گذريل 20 ڏينهن کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪري رکيو آهي، جڏهن ته مواصلاتي ذريعن تي پابندي آهي، ڀارت جا ڄمون ۽ ڪشمير ۾ کنيل هڪ طرفا قدم گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهن، واواريل وادي بابت عالمي ميڊيا ۽ انساني حقن جي تنظيمن جون جيڪي رپورٽون سامهون اچي رهيون آهن، اهي ڳڻتيءَ جوڳيون آهن.

سندس چوڻ هو ته واواريل وادي ۾ انساني حياتيون بچائيندڙ دوائن ۽ خوراڪ جي سخت کوٽ آهي، گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي هٿين خالي ڪشميرين کي ڀارتي جبر کان بچائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

پرڏيهي وزير چيو ته گفتگو دوران گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو چوڻ هو اسان جي ان ڳڻتي جوڳي صورتحال تي نظر آهي ۽ گڏيل قومون ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون رهنديون.

You might also like