ڇا ڀارتي سپريم ڪورٽ مودي سرڪار آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا…؟

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته آزادي ڏهاڙو ڪشميرين سان يڪجهتي جي ڏينهن طور ملهائي رهيا آهيون، پاڪستان جو ٻار ٻچو ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي.

اسلام آباد ۾ ڪشمير يڪجهتي ريلي کي خطاب ڪندي شاهه محمود قريشي چيو ته هاڻ ڪشميرين جا حق نه سڃاڻپ کي مٽائڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي، ڇا والاريل ڪشمير ۾ خوشحالي ڪرفيو جي پاڇي ۾ ايندي؟

هن چيو ته والاريل وادي ۾ اڄ ضروري شين جي سخت کوٽ آهي، گڏيل قومن کي مطالبو ڪيو آهي ته ان جا تفصيل قوم جي سامهون پيش ڪري ڇڏيا آهن، سلامتي ڪائونسل کان به هنگامي اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

پرڏيهي وزير چيو ته وزيراعظم کي صلاح مشوري ۾ چيو هو ته اهو اسان جو تاريخي مطالبو آهي، ستل ضميرن کي جاڳائڻو پوندو، نريندر مودي هٽلر جي حڪومت سان ملي ٿو.

سندس چوڻ هو ته مودي ڪرفيو ختم ڪري ڪشميرين کي راءِ جو اظهار ڪرڻ جو موقعو ڏئي، کير جو کير پاڻي جو پاڻي ٿي ويندو، اميد آهي ته حق ۽ سچ جي فتح ٿيندي.

شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ کي ڪشميرين جي پٽيشن موڪلي ڇڏي آهي، ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ انصاف ڪرڻ جي همٿ آهي؟

هن سوال اٿاريو ته ڇا ڀارتي سپريم ڪورٽ مودي سرڪار آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا؟ سڀاڻي لنڊن، آمريڪا ۽ يورپ ۾ باضمير ماڻهو ڪارو ڏينهن ملهائيندا.

You might also like