حڪومت ” ڏکڻ پنجاب صوبي“  لاءِ ن ليگ ۽ ٻين پارٽين کان مدد گهري ورتي

ملتان ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ ن ليگ سميت پارليامنٽ ۾ موجود پارٽين کان مدد گهري ورتي.

ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي جي ماڻهن کي الڳ سڃاڻپ ڏيڻ وارو واعدو پورو ڪيو هو، قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ انصاف پنهنجي واعدي تي اڳڀرائي ڪئي، ٻه ڏينهن اڳ آئيني ترميمي بل پيش ڪري ڇڏيو جيڪو اڪثريت راءِ سان منظور ٿيو، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر آئيني ترميم تي هڪ اسپيشل ڪميٽي جوڙي رهيو آهي.

هن چيو ته هڪ صوبو ٺهندو ته ان جي ڌار اسيمبلي جي وجود به ضروري آهي، ڏکڻ پنجاب اسيمبلي جون ڪل سيٽون 120 هونديون، جنهن ۾ 95 چونڊل ميمبرن جون هونديون، اهڙي ريت اپر پنجاب جون سيٽون 251 وڃي بچنديون.

پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ڏکڻ پنجاب جي ڌار هاءِ ڪورٽ هوندي ۽ پنهنجو چيف جسٽس هوندو، نئين صوبي کان پوءِ پاڪستان جا پنج صوبا ٿي ويندا.

شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت جي ضرورت آهي جيڪا اسان وٽ ناهي تنهنڪري ٻين پارٽين جو سهڪار گهربل آهي، ان سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي ۾ سينيئر ميمبرن سان رابطو ٿيو، ساڻن ويهڪ ۽ خيالن جي ڏي وٺ پڻ ٿي جنهن جو هاڪاري جواب مليو آهي، پيپلز پارٽي به اڪثريت نه هئڻ سبب اهو ڪم نه ڪرائي سگهي، کين چيو ته گڏجي هلون ڇاڪاڻ جو اسان جو مقصد هڪ آهي.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ فيصلو ڪيو آهي ته اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ جيڪي جماعتون ان سوچ سان هڪجهڙائي رکن ٿيون انهن سان به رابطا ڪيا ويندا، اسان تنگ نظر ناهيون، اسان سڀني کي ڪريڊٽ ڏيڻ چاهيون ٿا، ن ليگ ۾ به گهڻو ئي طبقو اهڙو آهي جيڪو ڏکڻ پنجاب جي حق ۾ سوچ رکي ٿو پر ماڻهن پنهنجي مرضي جي بل ۾ ڦاٿل آهن، ن ليگ سان به ڳالهيون ڪنداسين،  کين درخواست ڪنداسين ته پنهنجي فيصلي تي نظرثاني ڪن ۽ ڏکڻ پنجاب صوبي کي ٺهڻ ڏين.

شاهه محمود قريشي چيو ته ٽن ضلعن جو صوبو ممڪن ناهي، ڏکڻ پنجاب صوبو ڏهاڪن جو مطالبو آهي ان کي ڪامياب ڪرڻ ۾ اسان جي مدد ڪريو.

You might also like