شاهه محمود قريشي جي برطانوي هم منصب سان ملاقات

لنڊن(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي لنڊن ۾ برطانوي پرڏيهي وزير جيرمي هنٽ سان ملاقات ڪئي آهي، برطانيا پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ ۾ مدد جي خاطري ڪرائي ڇڏي.

تفصيل موجب شاهه محمود قريشي جي لنڊن ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار فارن افيئرز جيرمي هنٽ سان ملاقات ٿي آهي، اِها ملاقات 2016ع کان شروع ٿيندڙ اسٽريٽيجڪ ڊائيلاگ جي سلسلي جي ڪڙي هئي.

ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن سيڪيورٽي سميت ڪيترن ئي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جو اظهار ڪيو، پرڏيهي وزير چيو ته برطانيا پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ ۾ مدد جي خاطري ڪرائي آهي.

شاهه محمود چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف گڏيل احتساب تي يقين رکي ٿي، اسان ڦريل دولت واپس آڻڻ چاهيون ٿا، جنهن جي لاءِ اثاثن جي ريڪوري جا يونٽ به بڻايا آهن.

پرڏيهي وزير چيو ته ملاقات ۾ پلواما حملي کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي به ڳالهيون ٿيون، پاڪستان حوالگي معاهدي کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال نه ڪيو ويندو.

برطانوي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان حڪومت جي ڪرپشن جي خاتمي جون ڪوششون خوشي ڏيندڙ آهن، ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي ڳالهيون اتي وڌيون آهن، ترقي جو رستو مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن جي خاتمي ۾ آهي.

جيرمي هنٽ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ بندوبست ڪيا ويا آهن، برطانيا سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال سياسي حوالگي جو ڪو به معاهدو نه ڪندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.