شاداب خان ورلڊ ڪپ کيڏندو يا نه…؟ اهم خبر سامهون اچي وئي

 

لاهور (اسپورٽس نيوز) ليگ اسپنر شاداب خان جا هڪ ٻي ميڊيڪل ٽيسٽ لاءِ رت جا نمونا ورتا ويا آهن، جنهن جي رپورٽ سڀاڻي اچڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب پي سي بي ميڊيڪل پئنل شاداب خان جو بلڊ سيمپل وٺي شوڪت خانم ليب موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن جي رپورٽ 24 ڪلاڪن ۾ سامهون ايندي. سليڪشن ڪميٽي سان گڏ ميڊيڪل پئنل کي به يقين آهي ته ليگ اسپنر هاڻي تيزي سان تندرست ٿي رهيو آهي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ لاءِ تيار آهي.  قومي ٽيم جي انگلينڊ روانو ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ شاداب خان جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ هيپاٽائٽس سي جي نشاندهي ٿي هئي، جنهن جي بنياد تي کيس ٽيم مان ڊراپ ڪري ياسر شاسر شاهه کي شامل ڪيو ويو هو. برطانوي ڊاڪٽر جون تجويز ڪيل دوائون استعمال ڪرڻ کان پوءِ هاڻي ٻيهر پي سي بي شاداب خان جا بلڊ سيمپل ورتا آهن. ٻئي پاسي سليڪشن ڪميٽي هلندڙ هفتي ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رڪني فائنل ٽيم جو اعلان ڪندي. محمد عامر ۽ آصف علي جي صورت ۾ ٻه واڌو رانديگر هن وقت انگلينڊ خلاف سيريز کيڏندڙ ٽيم جو حصو آهن.

You might also like