ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ وڏي خبر، شاداب خان فٽ ٿي ويو

 

لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو ليگ اسپنر شاداب خان فٽ ٿي ويو آهي ۽ ورلڊ ڪپ ۾ قومي ٽيم جو حصو هوندو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نوجوان آل رائونڊر شاداب خان جي فٽ ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، ٻه ڏينهن اڳ سندس رت جا نمونا ورتا ويا هئا، جن ۾ هيپاٽائٽس سي جو وائرس سامهون ناهي آيو، هاڻ شاداب خان 16 مئي تي برطانيا لاءِ روانو ٿيندو ۽ 20 مئي تي برسٽل ۾ قومي ٽيم جو حصو بڻجي ويندو. ان حوالي سان شاداب خان جو چوڻ آهي ته عالمي ڪرڪيٽ کان پري رهڻ ڏکيو مرحلو هو پر اميد به هئي ته فٽ ٿي ٻيهر ٽيم جو حصو بڻجندس.

You might also like