شاهه رخ خان تي تنقيد ڪري شان پاڻ تنقيد جو نشانو بڻجي ويو

ڀبڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني سپر اسٽار شان بالي ووڊ بادشاهه شاهه رخ خان کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ تي پاڻ تنقيد جو نشانو بڻجي ويو.

بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان هالي ووڊ جي مشهور ترين فلم ” دي لائن ڪنگ “ جي هندي ورزن ۾ مفاسا جي مک ڪردار ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو آهي جڏهن ته سندس پٽ آريان خان به فلم ۾ مفاسا جي پٽ سمبا جي ڪردار لاءِ آواز ڏنو آهي.

فلم زيرو جي ناڪامي کانپوءِ شاهه رخ خان ان فلم لاءِ  تمام گهڻو پرجوش آهي ۽ سوشل ميڊيا تي فلم جي مشهوري ۾ مصروف آهي، گذريل ڏينهن شاهه رخ خان ٽوئيٽر تي فلم پرومو جاري ڪيو آهي جنهن ۾ فلم جي مشهور ڪردار سمبا کي ڏيکاريو ويو آهي جنهن جي پس منظر ۾ آريان خان جو آواز آهي. شوبز فنڪارن سميت شاهه رخ خان جي مداحن طرفان ڪنگ خان ۽ سندس پٽ جي نه رڳو ساراهيو پيو وڃي پر تمام گهڻي تعريف پڻ ڪئي وئي وڃي.

پر پاڪستاني ادڪار شان شاهه رخ خان تي تنقيد ڪندي چيو ته مهرباني ڪري ايڏي خوبصورت فلم جوهندي ورزن ٺاهي ان فلم کي تباهه نه ڪيو. ان پرومو ۾ شاهه رخ خان جو آواز بنهه اهڙو آهي جيئن سندس ٻين فلمن ۾ هوندو آهي، گهٽ ۾ گهٽ شاهه رخ خان کي ” دي لائن ڪنگ “ لاءِ پنهنجي آواز جو انداز بدلائڻ گهرجي ها.

شان، شاهه رخ خان تي تنقيد ته ڪري ڇڏي پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته پرومو ۾ شاهه رخ خان جي آواز ئي نه پر جيڪو پرومو جاري ڪيو ويو آهي ان ۾ سمبا کي متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن لاءِ آريان خان پنهنجي آواز ڏني آهي.

شان جي ان غلطي تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان کيس تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن سندس تصحيح ڪندي چيو آهي ته توهان گهڻا سمارٽ نه ٿيو، توهان تي ڪو به دٻاءُ ناهي وجهي رهيو ته ته توهان ” لائن آف ڪنگ “ جو هندو ورزن ڏسو توهان ان جو اوريجنل ورزن ڏسي وٺو جيڪو انگريزي ٻولي ۾ آهي.

واضح رهي ته فلم لائن ڪنگ 19 جولائي تي ريليز ڪئي ويندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.