روسي فوجي يونٽ ۾ تجربي دوران ڌماڪو، 7 ڄڻا اجل جو شڪار

 

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس ۾ هٿيارن جي جاچ لاءِ مخصوص علائقي ۾ تجربي دوران ڌماڪي سان روسي جوهري ايجنسي جا 5 ملازم ۽ 2 فوجي اهلڪار اجل جو شڪار ٿي ويا.

ڌماڪو روس جي شهر آرخانگلسڪ جي ڳوٺ نينوڪسا ۾ موجود فوجي يونٽ ۾ ٿيو، جتي روسي بحريا لاءِ بيلسٽڪ ميزائلز جا تجربا ڪيا ويندا آهن، ڌماڪي کانپوءِ علائقي ۾ تابڪاري جي سطح ۾ واڌ ٿي وئي.

روس جي نيوڪليئر انرجي ڪمپني ”روس ايٽم“ طرفان جاري بيان ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ تابڪار مواد خارج ٿيو.

ڪمپني ٻڌايو ته ڌماڪو آئيسوٽوپ جي توانائي سان راڪيٽ انجڻ کي هلائڻ جي تجربي دوران ٿيو، ان تجربي ۾ حياتيون وڃائيندڙن کي سدائين ياد رکيو ويندو.

بيان ۾ واضح طور ناهي ٻڌايو ويو ته ان جي نوعيت ڇا هئي پر ڪجهه ڏينهن اڳ روسي صدر دلاديمير پيوٽن دعويٰ ڪئي هئي ته روس ڊگهي فاصلي تائين مار ڪندڙ ميزائلن لاءِ جوهري توانائي سان هلندڙ انجڻ ڪري ڪئي آهي.

ڌماڪي جي نتيجي ۾ تجربي گاهه سان لاڳاپيل شهر سيويرو وينسڪ ۾ تابڪاري جي سطح معمول کان ويهوڻ تي وڌي وئي.

You might also like