سينيٽر سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف هڪ ٿي ويا…!

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي قومي صحت بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ريسٽورنٽس ۾ شيشو پيئڻ تان پابندي کڻڻ ۽ مناسب قانون سازي جي سفارش ڪري ڇڏي.

صحت واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اهي به پابندي جي حق ۾ ناهن، جڏهن ته ڪميٽي جي صدارت ڪندڙ سينيٽر ميان عتيق شيخ چيو ته لنڊن ۾ اسان جا ڪرڪيٽر شيشو پيئندا رهجي ويا ۽ اسان ميچ هارائي وياسين، افسوس آهي ته شاشي تي پابندي لاءِ مان سڀ کان گهڻو گوڙ ڪيو پر ريسٽورنٽس ۾ شيشي تي پابندي لڳي ته شيشو گهرن ۾ اچي ويو، ريسٽورنٽس ۾ شيشي تان پابندي کنئي وڃي، اُسريل ملڪن ۾ شيشي تي پابندي ناهي.

ڪميٽي ميمبر منظور ڪاڪڙ چيو ته اڳ ۾ هڪ ماڻهو ريسٽورنٽ وڃي شيشو پيئندو هو هاڻ سڄو گهر پيئندو آهي.

صحت اختيارين چيو ته وزرات به پابندي جي حق ۾ ناهي، پابندي سپريم ڪورٽ تي حڪم تي لڳي.

ميان عتيق شيخ چيو ته صحت واري وزارت مناسب قانون سازي لاءِ قائدا ۽ ضابطا جوڙي.

اجلاس دوران سرعام دڪانن تي سگريٽ، پان جي وڪري تي پابندي جي معاملي تي ڳالهائيندي ڪميٽي ميمبرن چيو ته ان صنعت سان 7 لک ماڻهو لاڳاپيل آهن، پابندين سان بيروزگاري وڌندي، جنهن کانپوءِ ڪميٽي معاملي تي تفصيل گهري ورتا.

ڪميٽي پي ايم ڊي سي طرفان اعزازي ڊگري جي رجسٽريشن جي حوالي به تفصيل طلب ڪري ورتا.

You might also like