سليڪٽڊ سڀ ڪجهه ختم ڪرڻ چاهين ٿا، ڪيترا ڀيرا عمران کي کٽرايو ويندو: بلاول

چارسده(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ آهي ته مرڻ مهانگو، جيئڻ مهانگو ۽ رت سستو آهي، هيءَ ڪهڙي تبديلي آهي؟ چارسده ۾ جلسي کي خطاب ڪندي بلاول چيو ته مهانگائي جي سونامي عوام کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، ٽيڪسن جي ٻوڏ ۾ عوام کي لوڙهيو ويو آهي، قوم سان ڪوڙ تي ڪوڙ ڳالهايو پيو وڃي، هر طبقي جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي، هيءَ ڪهڙي تبديلي آهي؟ هن چيو ته اسان 1973 جي آئين ڏانهن اک به کڻڻ ڏينداسين، سليڪٽڊ هي سڀ ڪجهه ختم ڪرڻ چاهي ٿو، صدارتي نظام آڻڻ چاهين ٿا، ون يونٽ نظام آڻڻ چاهين ٿا. بلاول الزام هنيو ته سڄي ملڪ ۾ بندوق جي زور تي اسان جي پولنگ ايجنٽن کي ٻاهر ڪيو ويو، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فوج جي پولنگ اسٽيشن جي اندر ۽ ٻاهر بيهاريو ويو، مشرف ۽ ضياءَ جي حڪومت ۾ به فوج کي پولنگ اسٽيشن جي اندر نه بيهاريو ويو، عمران نيازي شفاف اليڪشن کان ڊڄندو آهي، اليڪشن ڪميشن جاڳي، توهان ڪيترا اليڪشن عمران خان کي کٽرائيندا؟ هن وڌيڪ چيو ته هي پينشن ۾ واڌ نه ڪري بزرگن جو معاشي قتل ڪري رهيا آهن، ننڍن واپارين جو معاشي قتل ڪري رهيا آهن، 2013ع ۽ 2018ع ۾ دهشتگردي عروج تي هئي پوءِ به فوج کي پولنگ اسٽيشن تي نه بيهاريو، هي اسان جا ادارا آهن، انهن کي تڪراري نه بڻايو وڃي.. پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته ڪنهن قسم جي آزادي ۽ جمهوريت آهي ته اسان جو ميڊيا سنسر آهي، اڳوڻي صدر جو انٽرويو نه هلي سگهيو، هي ڪهڙي قسم جي آزادي ۽ جمهوريت آهي. هن چيو ته هتي ٻٽو نظام آهي، جهوپڙي حرام آهي، بني گالا حلال آهي، نواز شريف جي آف شور ڪمپني حرام آهي، ايم ڪيو ايم جي فارن فنڊنگ حرام آهي پر پي ٽي آءِ جي فارن فنڊنگ حلال آهي، راڻا ثناءُ الله جي منشيات حرام آهي ۽ وزير اعظم جي منشيات حلال آهي. هن چيو ته ڌانڌلي ورتل حڪومت ڌانڌلي ڪري بجيٽ پاس ڪرايو آهي، قبيلائي علان جي نمائندن کي اجلاس ۾ اچڻ ناهي ڏنو ويو، هي عوام دشمن بجيٽ آهي، عوام دشمن بجيٽ سان رت چوسي رهيا آهن، 03

You might also like