سائنسدانن امڪاني طور تيز آواز پيدا ڪري ورتو

اسٽينفورڊ (ويب ڊيسڪ) ماهرن هن وقت تائين جو سڀ کان بلند ۽ ڌماڪيدار آواز پيدا ڪري ورتو ، جنهن جي شدت 270 ڊيسي بيل کان به وڌيڪ آهي. اهو آواز ايڪس ري ليزر جي مدد سان پاڻي اندر پيدا ڪيو ويو آهي.

اسٽينفورڊ يونيورسٽي ۾ موجود ايس ايل اي سي نيشنل ايسلريٽري ليبارٽري جي گيبريئل بلاج ۽ سندس جي ساٿين پاڻي اندر بلد ترين آواز پيدا ڪيو آهي. ان ۾ ايس ايل اي سي ڪي ڪائيڪ جي هيرنٽ لائٽ سورس (ايل سي ايل ايس) ايڪس ري ليزر کي استعمال ڪيو ويو آهي.

جيتوڻيڪ ٽريفڪ کان وٺي ڪنسرٽ تائين هر آواز کي گوڙ چيو ويندو آهي جيڪڏهن اسان معمول جي آواز ۾ ڳالهايون ته اهو 55 ڊيسي بيل هوندو. الارم گھڙي جو آواز 80 ڊيسي بيل، آرا مشين جو 100 ڊيسي بيل، 100 ميٽر پري جيٽ جهاز جو آواز ٽيڪ وقت 130 ڊيسي بيل ۽ وڏي ميوزڪ ڪنسرٽ ۾ راڪ ميوزڪ جو آواز 150 ڊيسي بيل تائين ٿي سگھي ٿو.

هوا ۾ آواز جي شدت  194 ڊيسي بيل ۽ پاڻي ۾ 270 ڊيسي بيل تائين پهچي سگھي ٿي ۽ ان جو رڪارڊ قائم ڪيو ويو آهي. 14 کان 30 مائيڪرو ميٽر جسامت سان پاڻي جي ڦهاري ۾ جيٽ پرايڪس ري ليز وڌي. جيئن ئي ايڪس ري پاڻي مان گذري ته ٻاف بڻجي اڏامي وئي ۽ شاڪ ويو جي صورت ۾ زوردار آواز پيدا ٿيو، ان کان پوءِ هڪ واٽر جيٽ ٺهندا ويا ۽ پاڻي ۾ تيز آواز ٺهندو رهيو.

ان عمل کي سائنس جي ٻولي ۾ “ڪيويٽيشن” چيو ويندو آهي. پر ماهرن چيو آهي ته ان تي تحقيق عملي طور ته لاڳو نه ٿي ٿئي پر ان جي عملي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي. ان تجربي سان پاڻي ۾ لهرن جي اڀرڻ ۽ انهن جي سفر ڪرڻ جي طريقي کي سمجهي سگھجي ٿو. جڏهن ته ايٽمي پيماني تي پاڻي جي ڦهاري کي سمجهڻ سان ڪيترائي مٽيريل ٺاهڻ ۽ دوائون تيار ڪرڻ ۾ به مدد ملندي.

You might also like