سپريم ڪورٽ ۾ جج ارشد ملڪ بابت ويڊيو ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ ۾ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ بابت مبينا ويڊيو ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ٿي رهي آهي.

چيف جسٽس پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ جج ارشد ملڪ خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي.

ان موقعي تي سيڪيورٽي جا خاص انتظام ڪيا ويا آهن، سپريم ڪورٽ جي اڱڻ ۽ ريڊ زون ۾ 1 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.

سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پريس ريليز موجب عدالت جي ڪمري ۾ داخلا خاص پاسن ذريعي ٿيندي جيڪي ايس پي سيڪيورٽي کان حاصل ڪري سگهجن ٿا.

پڌرنامي موجب سيڪيورٽي اسٽاف کان تلاشي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي عمارت ۾ داخل ٿي سگهبو، جڏهن ته عدالت جي ڪمري ۾ موبائل فون ۽ ڪميرا کڻي وڃڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

You might also like