جج ارشد ملڪ ويڊيو ڪيس بابت فيصلو محفوظ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي مبينا ويڊيو جي معاملي جي انڪوائري جي لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ بابت 3 درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ جج ارشد ملڪ جي مبينا ويڊيو اسڪينڊل جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل انور منصور خان ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي بشير ميمڻ به عدالت ۾ پيش ٿيا.

خيال رهي ته 23 جولاءِ تي ٿيل ٻڌڻي ۾ عدالت عظميٰ وفاقي جاچ اداري کي 3 هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته جاچ مڪمل ڪرڻ جي لاءِ  3 هفتن جو وقت ڏنو ويو هو.

ڊي جي ايف آءِ اي طرفان جمع ڪرايل شروعاتي رپورٽ جو جائزو وٺندي چيف جسٽس چيو ته ان رپورٽ ۾ 2 ويڊيوز جو معاملو هو، هڪ ويڊيو اُها هئي جنهن جي ذريعي جج کي بليڪ ميل ڪيو ويو ۽ ٻي ويديو اُها هئي جيڪا پاڪستان مسلم ليگ ن پريس ڪانفرنس ۾ جاري ڪئي هئي.

اٽارني جنرل انور منصور خان عدالت کي ٻڌايو ته 13 مارچ 2018ع تي جج ارشد ملڪ کي احتساب عدالت ۾ مقرر ڪيو ويو هو جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اُهو مبينا شخص سامهون آيو جنهن ارشد ملڪ کي مقرر ڪرايو هو ان تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اُهو مبينا شخص سامهون ناهي آيو.

چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته شروعاتي رپورٽ موجب ناصر جنجوعا ارشد ملڪ کي مقرر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته ان جو مطلب آهي ته ان وقت جي حڪومت پاناما پيپرز جي فيصلي کان پوءِ جج ارشد ملڪ کي مقرر ڪيو هو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته رپورٽ موجب ناصر جنجوعا  ارشد ملڪ کي مقرر ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي.

ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته شهباز شريف ۽ ليگي قيادت ويڊيوز کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ۽ مريم نواز به ويڊيوز کان لاتعلقي جو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته هن ڪا به اعتراض جوڳي ويڊيو ناهي ڏيکاري.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته رپورٽ موجب ملتاني واري اعتراض جوڳي ويڊيو ۾ طارق محمود به نظر اچي ٿو جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته جي بلڪل ان ويڊيو ۾ طارق محمود به نظر اچي ٿو.

ان تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا ويڊيو جي فرانزڪ ڪرائي وئي آهي جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته پر ارشد ملڪ جي نئين ويڊيو جي فرانزڪ ناهي ٿي سگهي.

جسٽس عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته جج جي ويڊيو جو فرانزڪ ڇو ناهي ٿي سگهيو ويڊيو سڄي پاڪستان وٽ آهي رڳو ايف آءِ اي وٽ ناهي، سڄو ملڪ ۽ عدالت جنهن جو سوال ڪري رهي آهي ان جي فرانزڪ ڇو ناهي ٿي.

ان تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته ويڊيو يوٽيوب کان ورتي وئي آهي ان ڪري فرانزڪ ناهي ٿي سگهي.

جسٽس عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته ان ڳالهه جو ڪهڙو ثبوت آهي ته پهرين ويڊيو اصلي آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته رپورٽ ۾ ابهام پيدا ٿين ٿا، غالبن 2 ويڊيوز هيون هڪ اعتراض جوڳي ويڊيو هئي جنهن سان جج کي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ ٻي ويڊيو پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاري وئي.

پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اِهو ڏسڻو پوندو ته ويڊيوز جي ڪاپي جو فرانزڪ ٿي سگهي ٿي يا نه ۽ يوٽيوب ويڊيو جي فرانزڪ ٿي سگهي ٿو يا نه.

اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ناصر جنجوعا ۽ مهر غلام جيلاني جج سان ملاقات ڪري 10 ڪروڙ رپين جي آڇ ڪئي هئي جيڪي نواز شريف جي خلاف ريفرنسز ۾ آزادي بابت فيصلي سان سلهاڙيل هئا.

هن وڌيڪ چيو ته جج ارشد ملڪ فيصلي کان پوءِ 2 ڀيرا عمري تي ويو، ڪجهه ڄاڻ کليل عدالت ۾ نٿا ڏئي سگهون.

اٽارني جنرل چيو ته ان ڪيس ۾ 2 اهم ڪردارناصر بٽ ۽ سليم هن وقت ملڪ ۾ ئي ناهن.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڇا هن ويڊيو مان فائدو حاصل ڪرڻ بابت ڪنهن ڪا درخواست ڏني آهي جنهن تي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته اسان کي ان حوالي سان هن وقت تائين ڪا به درخواست ناهي ملي.

ان تي چيف جسٽس چيو ته اِها ويڊيو ته ان وقت ڪنهن جي لاءِ فائديمند هئي جڏهن ته ڪير ان کي ڪيئن ٿو پيش ڪري.

جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته جن اِها ڪهاڻي ٻڌائي اُهي ان کان لاتعلق ٿي ويا ان تي اٽارني جنرل چيو ته سڀني ئي ان ڪهاڻي مان جند ڇڏرائي ڇڏي آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هن وقت تائين ته ان ويڊيو تي ڪم ئي ناهي ٿيو، سڀ کان پهرين اِها ويڊيو اصل ثابت ٿيندي ته ڪنهن تي اثرانداز ٿيندي.

ان تي اٽارني جنر چيو ته ان ويڊيو جو اصل ثابت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته اعتراض جوڳي ويڊيو تي ته جج به اعتراف ڪيو آهي پر جيڪا پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاري وئي اُها اصل ثابت ڪيئن ٿيندي.

چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته ويڊيو جي معاملي کي ماهرن کان ڪليئر ڪرايو ته فرانزڪ ٿي سگهي ٿي يا نه، رپورٽ ۾ قبول ڪيو ويو ته آڊيو ريڪارڊنگ الڳ ڪئي وئي.

پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پريس ڪانفرنس دوران ويڊيو جو سب ٽائيٽل به هلي رهيو هو، لڳي ٿو ته ويڊيو سان ڪنهن راند کيڏي آهي.

ان تي اٽارني جنرل ٻڌايو ته ان ڪيس ۾ 2 اهم ڪردار ناصر بٽ ۽ سليم هن وقت ملڪ ۾ ناهن جن کان جاچ ٿيڻي آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ناصر بٽ برطاميا ۾ رهيل آهي جڏهن ته ٻئي ڪردار سليم کي به ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ارشد ملڪ جون خدمتون لاهور هاءِ ڪورٽ کي واپس ڇو نٿا ڪن، ارشد ملڪ کي لاهور نه موڪلي تحفظ ڏنو پيو وڃي.

ان تي اٽارني جنرل چيو ته جاچ جي ڪري ارشد ملڪ کي روڪيو ويو آهي جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته وفاقي حڪومت کيس هن وقت تائين پاڻ وٽ ڇو رکيو آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڇا جج ائين ٿيندو آهي جيڪو سزا ڏيڻ کان پوءِ جوابدار وٽ وڃي، جج جي ان ڪردار سان ججن جا ڪنڌ شرم کان جهڪي ويا آهن.

هن وڌيڪ ريمارڪس ڏنا ته توهان ان معاملي کي هلڪو ڇو وٺي رهيا آهيو، جج پاڻ قبول ڪري رهيو آهي ته هن جا ان خاندان سان لاڳاپا هئا، جج جي ڪردار جي حد تائين معاملو اسان ڏسي سگهون ٿا پر ويڊيو جي معاملي جي توهان جاچ ڪرايو فرانزڪ ٿي سگهي ٿي يا نه.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان کي ان ۾ وڌيڪ ڇا ڪرڻو آهي اسان توهان کي متحرڪ ڪري ڇڏيو آهي، اسان جو تعلق پنهنجي جج سان آهي جنهن جي ڪردار تي ڪيترائي سواليه نشان اچي ويا آهن، هن ڪيتريون ئي شيون حلف نامي ۽ پريس ريلرز ۾ ٻڌايون خبر ناهي ته جج صاحب کي ڪنهن صلاح ڏني هئي.

بعد ۾ عدالت جج ارشد ڪيس جي مبينا ويڊيو بابت درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

You might also like