سپريم ڪورٽ جج ارشد ملڪ ويڊيو  اسڪينڊل ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ ويڊيو اسڪينڊل ڪيس جو ٽئي ڏينهن اڳ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.

چيف جسٽس آف پاڪستان آصف سعيد کوسه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ ويڊيو اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت چيو ته ڪيس ۾ پنج اِشو سامهون آيا. پهريون اِشو اهو هو ته ڪهڙو فورم ويڊيو تي فيصلو ڏئي سگھي ٿو. ٻيو اشو اهو هو ته ويڊيو کي اصل ۾ ڪيئن ڄاڻيو وڃي. ٽيو اهو هو ته جيڪڏهن ويڊيو اصل آهي ته عدالت ۾ ڪيئن ثابت ڪري سگھجي ٿو  چوٿون اهو ته ويڊيو اصل ثابت ٿيڻ تي نواز شريف جي سزا تي ڪهڙو اثر پئجي سگھي ٿو، جڏهن ته پنجون اشو احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ جي ڪنڊڪٽ بابت هو، اسان سڀني اشوز تي فيصلو ٻڌايو آهي.

سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ چيو هو ان مرحلي تي اسان جي مداخلت ڪرڻ مناسب نه هوندي، هڪ اپيل هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي ته اسان جي مداخلت ٺيڪ نه آهي، ايف آءِ اي ۾ به معاملي جي جاچ جاري آهي، وڊيو درست ثابت ٿيڻ تي هاءِ ڪورٽ پاڻ معاملي جو جائزو وٺي سگھي ٿي ۽ ويڊيو جو معاملو ٽرائل ڪورٽ کي به موڪلي سگھجي ٿو.

فيصلي ۾ چيو ويو ته جج ارشد ملڪ جو تعصب ثابت ڪرڻ لاءِ ويڊيو هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، جج ارشد ملڪ موجب ويڊيو کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، ويڊيو جي تصديق فرانزڪ ايگزيمنيشن سان ٿي سگھي  ٿي، فوجداري ڪيس ۾ شڪ کان مٿانهو شاهد هجڻ ضروري آهي.

سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته جج ارشد ملڪ جي پريس رليز ۽ حلفي بيان سندس خلاف فرد جرم آهي ۽ سندس ڪردار سموري عدليا تي اثر وجهي رهيو آهي، سزا ڏيڻ کان پوءِ جج ارشد ملڪ جوابدار سان هن جي گھر ۾ ملاقات ڪئي، هو جوابدار سان همدردي سان به ملندو رهيو، هن جوابدار کي پنهنجي ئي فيصلي جا ڪمزور نقطا ٻڌايا، هن رشوت جي آڇ ۽ ڌمڪائڻ جي شڪايت سينيئر اٿارٽي سان نه ڪئي، سندس طرز عمل حيران ڪندڙ آهي، هن جي ڪردار هزارين ايماندار ججن جو ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيو آهي، اسان کي اميد آهي ته جج ارشد ملڪ خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ انظباطي ڪارروائي ڪندي.

سپريم ڪورٽ ۾ ٽن شهرين اشتياق مرزا، سهيل اختر ۽ طارق اسد جج ويڊيو اسڪينڊل جي جاچ جي درخواست داخل ڪئي هئي.

You might also like