سپريم ڪورٽ ميشا شفيع ۽ علي ظفر کي غير ضروري درخواستون داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ جنسي هراساني ڪيس ۾ ڌرين علي ظفر ۽ ميشا شفيع کي غيرضروري درخواستون داخل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ شاهدن جو بيان ۽ آڏي پڇا ڪرڻ بابت ميشا شفيع جي درخواست تي جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عدالت طرفان 9 شاهدن جا بيان ۽ آڏي پڇا گڏ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي.

ٻڌڻي دوران جسٽس فائز عيسيٰ چيو ته ٽرائل ڪورٽ غيرضروري التوا نه ڏيندي ٽرائل جلد مڪمل ڪري جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب مقرر وقت ۾ ٽرائل مڪمل ڪيو وڃي.

ان موقعي تي ميشا شفيع جي وڪيل عدالت کان استدعا ڪئي ته جيڪڏهن ته آڏي پڇا لاءِ تيار نه ڪري سگهيس ته هڪ هفتي جو وقت ڏنو وڃي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو.

ٻڌڻي دوران جسٽس فائز عيسيٰ ميشا شفيع جي وڪيل کي حڪم ڏنو ته شاهدن کان آڏي پڇا جي تياري ستن ڏينهن ۾ مڪمل ڪئي وڃي، جڏهن ته علي ظفر جي وڪيل کي ستن ڏينهن ۾ شاهدن جا حلفي بيان جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

عدالت علي ظفر جي وڪيل سبطين هاشمي کان پڇاڻو ڪيو ته علي ظفر جو ميشا شفيع جي درخواست تي بنيادي اعتراض ڪهڙو آهي؟

ان تي علي ظفر جي وڪيل جواب ڏنو ته قانون موجب شاهد جو بيان ۽ آڏي پڇا هڪ ئي ڏينهن ٿيندي آهي جڏهن ته ميشا شفيع جي وڪيل جو چوڻ آهي ته شاهدن جي فهرست ملي ته پوءِ هڪ ڏينهن ۾ آڏي پڇا ڪري وٺنداسين.

ٻنهي وڪيلن جي دليلن تي عدالت حڪم ڏنو ته تياري کانپوءِ هڪ ئي ڏينهن شاهدن کان آڏي پڇا مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.

ميشا شفيع جي وڪيل چيو ته علي ظفر سمورن شاهدن کي نٿو سڃاڻان ڇاڪاڻ جو شاهد علي ظفر جا ملازم آهن جنهن تي علي ظفر جي وڪيل سبطين هاشمي جواب ڏنو ته شاهدن ۾ ڪو به علي ظفر جو ملازم ناهي.

جسٽس فائز عيسيٰ ٻنهي وڪلين کي واضح ڪيو ته بيان ۽ آڏي پڇا هڪ ئي ڏينهن ڪرڻ جو اختيار رڳو عدلات جو آهي.

جنهن بعد عدالت ميشا شفيع ۽ علي ظفر کي غيرضروري درخواستون داخل ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏنو .

You might also like