راکي ساونت جا ڀارتي فوج، عوام ۽ ميڊيا کان چار سوال

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا راکي ساونت ڀارتي فوج، عوام ۽ ميڊيا کان چار سوال پڇي ورتا آهن.

راکي ساونت چوي ٿي ته نريندر مودي بنا دعوت جي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان وڃي ملي ته ڪا ڳالهه ناهي، فنڪارن جي اچڻ وڃڻ تي پابندي ڇو؟

اسڪينڊل ڪوئين جي نالي سان مشهور بالي ووڊ اداڪارا ۽ آئٽم گرل راکي ساونت چيو ته اسان جي ٽينس اسٽار ثانيه مرزا ڀارت جي جان ۽ شان، ڀارت جي نمائندگي ڪري ٿي، هن ته پاڪستان ۾ شادي ڪئي آهي، کائنس ته ڪير ڪجهه نٿو پڇي.

راکي ساونت جو چوڻ هو ته پهريان مون کي منهنجن چئن سوالن جا جواب ڏيو پوءِ آئون ٻڌائنديس ته مون پاڪستاني جهنڊو پنهنجي جسم تي جو ڇو ويڙهيو.

You might also like