فجيرا حملي ۾ سعودي عرب جي ٻن جهازن کي نشانو بڻايو ويو : خالد الفالح

رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي عرب جي توانائي واري وزير خالد الفالح جو چوڻ آهي ته گڏيل عرب رياستن جي فجيره بندرگاهه ويجهو پيش آيل واقعي ۾ سعودي عرب جي ٻن آئل ٽينڪرن کي به نشانو بڻايو ويو .

سعودي جي توانائي واري وزير وڌيڪ چيو ته حملي ۾ سعودي آئل ٽينڪر کي نقصان پهچايو ويو، جڏهن ته حملي ۾ ڪو به جاني نقصان ناهي ٿيو.

خالد الفالح اهو پڻ چيو ته ان حملي ۾ سعودي عرب جي ٻنهي جهازن جي ڍانچي کي نقصان پهتو آهي.

واضح رهي ته گڏيل عرب رياستن ۾ فجيرا جي بندرگاهه ويجهو حملي ۾ چار سامونڊي جهاز متاثر ٿيا هئا.

You might also like