آسٽريليا خلاف ڪيئن کيڏبو…؟ سرفراز احمد ٻڌائي ڇڏيو

 

ٽائونٽن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته انگلينڊ خلاف فتح سان رانديگرن جو اعتماد وڌيو ۽ آسٽريليا خلاف به جارحاڻي مزاج سان کيڏنداسين.

پاڪستان ۽ دفاعي چيمپيئن آسٽريليا وچ ۾ ورلڊ ڪپ جي 17 هين ميچ ۾ ٽائونٽن جي ڪائونٽي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ سڀاڻي کيڏي ويندي ۽ اها ميچ به مينهن سبب متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي.

ميچ جي حوالي سان ڪپتان سرفراز احمد جو چوڻ هو ته اسان آسٽريليا خلاف انهيءَ جارحاڻي مزاج سان کيڏنداسين جيئن انگلينڊ خلاف کيڏيا هئاسين ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سٺي مقابلي جي اميد آهي.

سريلنڪا خلاف ميچ ملتوي ٿيڻ تي سرفراز مايوس نظر آيو، سندس چوڻ هو اسان جي خواهش هئي ته آسٽريليا خلاف ميچ کان اڳ ٻه ڪاميابيون ماڻي وٺو پر موسم اسان جي اختيار ۾ ناهي.

هن وڌيڪ چوڻ هو ته اسٽيون سمٿ ۽ ڊيوڊ وارنر جي واپسي سان آسٽريلوي ٽيم مضبوط ٿي آهي پر انگلينڊ کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ سمورا رانديگر پراعتماد آهن.

You might also like