پٽ جي پهرين سالگرهه تي ثانيا مرزا جو محبت ڀريو پيغام

دبئي (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گھرواري ۽ ڀارتي ٽينس رانديگرياڻي ثانيا مرزا پنهنجي پٽ اذهان جي پهرين سالگرهه تي مداحن سان جذباتي پوسٽ شيئر ڪئي آهي.

ثانيا مرزا پٽ اذهان جي پيدائش کان پوءِ ورتل هڪ يادگار تصوير انسٽاگرام تي شيئر ڪئي جنهن ۾ هن پٽ کي دعائون ڏيندي سالگرهه جي مبارڪ پيش ڪئي.

قومي ڪرڪيٽر جي گھرواري پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي لکيو ته “جنهن سال تون هن دنيا ۾ آئين تڏهن کان تون منهنجي زندگي بڻجي وئين، جنهن تون پيدا ٿئين ۽ کِلين تڏهن کان تون جي کِلَ هر جاءِ وکري ويندي آهي جتي تون ويندو آهين”.

پٽ سان محبت جو اظهار ڪندي ثانيا مرزا لکيو ته “آئون واعدو ڪيان ٿي ته آئون پنهنجي زندگي جي آخري دم تائين تو سان گڏ رهنديس”.

آخر ۾ رانديگرياڻي پٽ جي مستقبل لاءِ دعائون به لکيون.

ان کان علاوه ثانيا مرزا انسٽاگرام تي به هڪ ويڊيو شيئر ڪئي جنهن هن جي ڀيڻ اذهان کي هنج ۾ کڻي بيٺي آهي ۽ پڇي رهي آهي ته اذهان اوهان ڪهڙي سال ۾ داخل ٿي رهيا آهيو؟ جنهن تي ننڍڙي اذهان وڏي معصوميت سان آڱر کڻندي اشارو ڪندي نظر اچي رهيو آهي.

 

View this post on Instagram

 

We’ve been looking forward to today for a bit now 😅 #Izzy ☝🏽

A post shared by Sania Mirza (@mirzasaniar) on

Leave A Reply

Your email address will not be published.