گلوڪارا نه بڻجان ها ته شادي ٿي وڃي ها: ثنا تاجڪ

 

پشاور (شوبز نيوز) گذريل ڪجهه سالن ۾ سڄي پاڪستان مان نوان گلوڪار سامهون آيا آهن ۽ اهي موسيقي جي دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، گلوڪاري جي دنيا ۾ پير رکندي ئي شوقينن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيندڙ گلوڪارن ۾ پشتو ٻولي جي نواجوان گلوڪارا ”ثنا تاجڪ“ به شامل آهي، جنهن کي موسيقي جي دنيا ۾ ايندي 2 ورهين جو عرصو ٿيو آهي. ثنا تاجڪ جو واسطو لوئر دير سان آهي ۽ هن 2017ع ۾ گلوڪارا طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي هئي. خابرو اداري سان ڳالهائيندي ثنا تاجڪ جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هوءَ گلوڪارا نه بڻجي ها ته اڄ سندس شادي ٿيل هجي ها ۽ هوءَ هن وقت پنهنجو خاندان سنڀالي رهي هجي ها. هن وضاحت ڪئي ته جنهن علائقي سان هن جو واسطو آهي، اتي ڇوڪرين جي جلدي شادي ڪئي ويندي آهي ۽ ميٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ ڇوڪرين جي شادي لازمي هوندي آهي. موسيقي  ۾ پنهنجي دلچسپي جي حوالي سان ڳالهائيندي ثنا تاجڪ چيو ته کيس ننڍپڻ کان ئي موسيقي ۾ دلچسپي هئي ۽ هن ان جو اظهار پنهنجي والدين سان ڪيو. هن اعتراف ڪيو ته شروعاتي طور تي کيس ڏکيائيون پيش آيون پر وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سڀ ڪجهه صحيح ٿيندو ويو. هن پهريون ڀيرو ٽي وي تي اچڻ وارو وقت ياد ڪندي ٻڌايو ته ”جڏهن هوءَ پهريون ڀيرو ٽي وي جي اسڪرين تي نظر آئي ته کيس ائين لڳو ڄڻ قيامت اچي وئي هجي“. ثنا تاجڪ خيبر پختونخواهه ۾ عورت گلوڪارائن کي قتل ڪرڻ وارن واقعن بابت ڳالهائيندي ان تاثر کي رد ڪيو ته انهن کي رڳو گلوڪاري سبب قتل ڪيو ويندو آهي. سندس موجب خيبرپختونخواهه ۾ ڪجهه ڇوڪريون پنهنجين غلطين سبب به قتل ڪيو ويون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته جڏهن هوءِ ڳوٺ ويندي آهي ته ماڻهو سندس عزت ڪندا آهن ۽ ساڻس ملاقات ڪرڻ پسند ڪندا آهن.

You might also like