سام سنگ  فائيو جي کانپوءِ ”سڪس جي“ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو

ڪيليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) هن وقت سموري دنيا ۾ فائيو جي نيٽ ورڪس کي متعارف ڪرائڻ تي ڪم ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ان ٽيڪنالوجي تي ڪم ڪندڙ ڊوائسز به گهڻي تعداد ۾ موجود ناهن پر ان باوجود سام سنگ هاڻي کان ئي ان کان به وڌيڪ ايڊوانس سيلولر نيٽ ورڪ ٽيڪنالوجي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 

جي ها سچ پچ سام سنگ 6 جي ٽيڪنالوجي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 

ڊي ڪورريا هيرالڊ جي هڪ رپورٽ موجب سام سنگ هڪ نئون تحقيقي مرڪز قائم ڪيو آهي جيڪو شڪس جي،  جي مختلف معاملن تي ڪم ڪري ڪندو.

 

ان مرڪز کي ايڊوانسڊ ڪميونيڪشن ريسرچ جو نالو ڏنو ويو آهي ۽ ڪمپني جي ذريعن ڪوريا هيرالڊ کي ٻڌايو آهي ته مرڪز جي ٽيم 6 جي نيٽ ورڪ تي تحقيق ڪندي.

 

دلچسپ ڳالهه اها آهي ته فائيو جي هنيئر تائين صحيح معنيٰ ۾ ڪمرشل بنيادن تي متعارف ناهي ٿي سگهي ۽ اها مخصوص هنڌن تي ئي دستياب آهي ۽ هر ڪو ان سهولت مان لاڀ نٿو ماڻي سگهي ( ڊيوائسز جي کوٽ سبب )، ته ان صورتحال ۾ سڪس جي ڪيتري حد تائين فائيو جي کان بهتر هوندي.

 

ته پوءِ ان جو جواب آهي ته ڪجهه گهڻو نه ڇاڪاڻ ته فائيو جي کان پوءِ سيلولر نيٽ ورڪ ٽيڪنالوجي اڃا شروعاتي مرحلن ۾ آهي ۽ ڪيئي ورهيه ان کي واضح شڪل ملڻ ڏکيو آهي.

 

سام سنگ ريسرچ ويب سائيٽ تي به ڪمپني سڪس جي بابت گهڻو ڪجهه ناهي ٻڌايو پر اهو ضرور لکيو آهي ته ، يورپ، چين ۽ آمريڪا ۾ پهريان ئي فائيو جي کان پوءِ سڪس جي تي تحقيق جي ضرورت تي کلي بحث ٿي رهيو آهي ۽ سموري دنيا ۾ ان سلسلي ۾ شروعاتي تحقيقي پروجيڪٽن تي ڪم شروع ٿي چڪو آهي.

 

رپورٽ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ته سڪس جي کان هٽي ڪري سام سنگ جو اهو تحقيقي مرڪز آرٽي فيشل انٽيليجنس ( هٿرادو ذهانت ) ۽ روبوٽڪ ٽيڪنالوجي تي به ڪم ڪندو.

You might also like