سام سنگ جو پهريون بهترين ليپ ٽاپ گيليڪسي بڪ ايس

سئول (ويب ڊيسڪ) سام سنگ پنهنجو نئون ليپ ٽاپ گيليڪسي بڪ ايس متعارف ڪرائي ڇڏيو.

13.3 انچن جي ان  ڊسپلي واري ليپ ٽاپ جي تياري لاءِ سام سنگ مائيڪرو سافٽ ۽ ڪوالڪوم سان ڀائيواري ڪئي آهي.

گذريل رات گيليڪسي نوٽ 10 سان ان ليپ ٽاپ کي متعارف ڪرايو ويو جنهن ۾ گيگابٽ ايل ٽي ڪنيڪٽوٽي، ونڊوز 10 ۽ ڪوالڪوم سنيپ ڊراگون 8 سي ايڪس ڪمپيوٽ پليٽ فارم ڏنو ويو آهي.

ان موقعي تي مائيڪرو سافٽ جي سي اِي او جو چوڻ هو ته ان ڀائيواري جو مقصد ماڻهن کي وڌيڪ موقعو فراهم ڪرڻ آهي جڏهن ته گيليڪسي نوٽ 10 ۽ گيليڪسي بڪ ايس مستقبل جا ڊيوائسز آهن.

هن چيو ته اها رڳو شروعات آهي، ان ڀائيواري سان اسان موبائيل ڪمپيوٽنگ کي صارفن تائين پهچائڻ لاءِ پرجوش آهيون.

ٻنهي ڪمپنين جي ڀائيواري کان پوءِ مائيڪرو سافٽ جون بهترين ايپس ۽ سروسز سام سنگ جي نئين گيليڪسي نوٽ 10 ۾ به ڏنيون ويون آهن.

جيتوڻيڪ گيليڪسي بڪ ايس جي ڳالهه آهي ته ان ۾ ٽچ ٽو ويڪ فيچر انسٽنٽ ايسسز لاءِ ڏنو ويو آهي، ڊسپلي ۾ 10 پوائنٽ ملٽي ٽچ موجود آهي جيڪو اسڪرول، زوم ۽ ڊيوائيس کي رڳو هڪ آڱر جي مدد سان ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

اهو دنيا جو پهريون نانوميٽر ليپ ٽاپ آهي جيڪو ڪوالڪوم جي موبائيل ڪمپيوٽنگ سان ليس آهي.

ان ۾ 8 جي بي ريم جڏهن ته 256 کان 512 جي بي اسٽوريج ڏني ويندي جڏهن ته مائيڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان اسٽوريج کي هڪ ٽي بي تائين وڌائي سگھبو.

ان جو وزن هڪ ڪلوگرام کان به گھٽ آهي جنهن جي سي پي يو پرفارمنس گيليڪسي بڪ 2 کان 40 سيڪڙو جڏهن ته گرافڪس پرفارمنس کي هڪ ٽي بي تائين وڌائي سگھجي ٿو.

ڪمپني جي دعويٰ آهي ته ان جي بيٽري لائيف تمام سٺي آهي ۽ رڳو هڪ چارج تي ان کي لاڳيتو 23 ڪلاڪ ويڊيو ڏسڻ لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿو.

ان جو اگھه 999 ڊالر (هڪ لک 59 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) هوندو ۽ اهو سيپٽمبر ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.