ڪورونا ۾ وڌيڪ 36 ماڻهو فوت، 14 سئو 75 نوان ڪيس

اسلام آباد (م ڊ ) ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 36 ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته 14 سئو 75 نوان ڪيس سامهون آيا آهن. ٿي ويا، جنهن کان پوءِ فوتين جو انگ 11 سئو 23 ٿي ويو آهي. جڏهن ته نوان  ڪيس سامهون اچڻ کان پوءِ مريضن جو انگ 53 هزار493  تائين پهچي ويو…

شگرملز ايسوسيئيشن کنڊ اسڪينڊل بابت ڪميشن جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( م ڊ ) پاڪستان شگرملز ايسوسيئشن کنڊ اسڪينڊل بابت ڪميشن جي رپورٽ رد ڪري ڇڏي آهي، ايسوسيئشن ڪميشن تي حقيقتون ضائع ڪرڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته ڪميشن ڪميٽي جيان ئي غلطيون ڪيون آهن ۽ فرانزڪ آڊٽ رپورٽ به انهن ماڻهن ٺاهي آهي جيڪي جاچ…

عوام تحفظ لاءِ ڪنھن وٽ وڃي؟ ڪنھن کي دانھن ڏئي؟ اياز لطيف

حيدرآباد(رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي نئون ڪوٽ ۾ پوليس ھٿان نوجوان نصير چانڊيو جي قتل واري واقعي جي مذمت ڪندي چيو آھي ته قانون جي حڪمراني نه ھجڻ ڪري معصوم ماڻھو محافظن ھٿان قتل ٿي وڃن ٿا. افسوس جو مقام آھي جو پوليس…

ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت جا لامارا جاري. وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت

مٺي(بيوروچيف)ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت جا لامارا جاري. وڌيڪ 4 ٻارڙا فوت، خبر موجب مٺي سول اسپتال ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ 4 ٻارڙا زندگي جي  جنگ هارائي ويا جن ۾  سبحان لنجو. دولت ميگهواڙ ۽ کٽو ڀيل جا تازو ڄاول ٻارڙا ۽ 8 ڏينهن جي سنيتا…

لاڙڪاڻي ۾ ڇتن ڪتن جي ڏاڙهڻ جا واقعا، هڪ ئي ڏينهن 15 ڄڻا زخمي، انتظاميا جو نالونه نشان

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ڇتن ڪتن جو آزار، هڪ ئي ڏينهن ڇتن ڪتن 15 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، متاثرن کي وارثن ويڪسين لاءِ سينٽر کڻائي آيا جتي عيد جي موڪلن سبب ڊاڪٽر ۽ عملي جي غير موجودگي ۾ مريض توڙي سندن جا وارث ڳڻتي ۾ مبتلا ٿي ويا، زخمي…

اوٻاوڙو: تتر وٺڻ لاءِ ويل 2 ڄڻا واپس نه موٽيا، اغو جو شڪ

اوٻاوڙو (ن ع آ) سنڌ پنجاب بارڊر لڳ ڪوٽ سبزل جا رهواسي احمدالدين ميراڻي ۽ سچار ميراڻي کي راحب چاچڙ نالي فون ڪري تتر ڏيڻ لاءِ  راونتي گھرايو جيڪي واپس نه موٽيا وارثن پاران اغوا جو شڪ، تفصيل موجب سنڌ پنجاب بارڊر لڳ ڪوٽ سبزل جي رھواسين کي تتر…

صداحسين چانڊيو پاران قافلي کي ڀرپور موٽ، رنجشون ختم

ميهڙ (ت ر)ھڪ ھفتو اڳ ڳوٺ صادق ماڇي ۾ صوفي امتياز مانجھائي مٿان ٿيل حملي کانپوءِ صوفي امتياز مانجھائي پاڻ مٿان ٿيل حملي جو ذميوار چانڊيا تمندار ڪائونسل سنڌ جي چيئرمين تمندار صداحسين چانڊيو کي قرار ڏئي سوشل ميڊيا تي تمندار صدا حسين چانڊيو ۽…

غوثپور ۾ نوجوان گهرو اڻبڻت تان ڦاهو کائي ڇڏيو

غوثپور (ن ع آ) غوثپور شهر جي غريب آباد واري علائقي ۾ ڪاليج ڀرسان ملڪ پاڙي جي رهواسي مولوي محمد اسماعيل اوڳاهي جي 30 ورهين جي نوجوان پٽ سڪندر علي وڳاهي گهرو اڻبڻت تان پکي ۾ رسو وجهي ڦاهو کائي آپگھات ڪري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، واقعي جي…

جوهي ۾ ڳوٺاڻن جو جهيڙي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف مظاهرو

جوهي (ن ع آ) جهيڙي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو عورتن ۽ معصوم ٻارڙن سميت جوهي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو, جوهي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميرڻ سولنگي ۾ ٻه هفته اڳ سولنگي برادري جي ٻن ڌُرين ۾ پلاٽ جي مالڪي تان ٿيل جهيڙي دوران زخمي ٿيل ٻن عورتن…

سڪرنڊ ۾ پوليس طرفان دڪاندارن تي تشدد خلاف ڌرڻو

سڪرنڊ (ن ع آ)سڪرنڊ ۾ سونارا بازار ۾ سونارا ايسوسيئيشن جي اڳواڻن تي دوڪان بند ڪرائڻ دوران ڊي ايس پي سڪرنڊ جو دوڪاندارن تي وحشياڻو تشدد ڪيو, جنهن بعد سوين دوڪاندارن پاران سڪرنڊ ميڊيا سينٽر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو, ان موقعي تي سونارا…