گلوڪار زوهيب حسن ٽڪيٽ خريد ڪرڻ باوجود جهاز ۾سفر نه ڪيو

لاهور (م ڊ )مشهور گلوڪار زوهيب حسن حادثي جو شڪار جهاز جي ٽڪيٽ خريد ڪئي پر هو  ان ۾ سوار نه ٿيو،  والد جي تدفين لاءِ ڪراچي آيل مشهور گلوڪار زوهيب حسن چيو ته جيڪڏهن پيءُ جون دعائون گڏ نه هجن ها ته جهاز حادثي جو شڪار ٿي وڃان ها.پاپ گلوڪاره…

اي آءِ آءِ بي جي صلاحيتن کي ڏسندي ڪا به اميد ناهي، جاچ عالمي ماهرن جي نگراني ۾ ڪرائي وڃي: پالپا

ڪراچي ( رپورٽر ) پائليٽن جي تنظيم پالپا چيو آهي ته ڪراچي جهاز حادثي جي عالمي ماهرن جي نگراني هيٺ منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ان تحقيقاتي ڪميشن ۾ پائليٽن جي نمائندن کي به شامل ڪيو وڃي. پالپا جي جنرل سيڪريٽري…

شوال جو چنڊ نظراچي ويو، ملڪ ۾ عيدالفطر اڄ ملهائي ويندي

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ نظراچي ويو آهي، عيدالفطر اڄ آچرڏينهن ملهائي پئي وڃي، پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس ڪراچي ۾ مفتي منيب الرحمان  جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن بعد ڪميٽي جي سربراهه مفتي منيب…

عيد سادگي ۽ سماجي وٿي سان ملهائي وڃي: بلاول ڀٽو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عيد جي حوالي سان پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته پوري دنيا جا مسلمان اهڙي وقت ۾ عيد ملهائي رهيا آهن جڏهن ڪورونا جي خطرناڪ وبا ڦهليل آهي، پاڪستان جا مسلمان ڪورونا وبا کي منهن…

ملڪ اوهان جو آهي، جتي آهيو اتي عيد ملهايو: آصف زرداري

ڪراچي(م ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري قوم جي نالي پنهنجو پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته سڄو ملڪ اوهان جو پنهنجو آهي  اوهان جتي آهيو اتي ئي عيد ملهايو ۽ عيد نماز به پنهنجي گھر ۾ پڙهو.هن چيو ته ڪورونا وبا کان بچڻ لاءِ سماجي وٿي ضرور رکو ڪورونا کي…

عيد الفطر سادگيءَ سان ملھائي وڃي: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهھ چيو آھي تھ سنڌ صوبي ۾ عالمي وبائي مرض واري صورتحال کي ڏسندي اھا عيدالفطر سادگيءَ سان ملھائي پئي وڃي ۽ ٻيو تھ گذريل جمعي ڏھاڙي پي آءِ اي جھاز جي حادثي ڪري پڻ عوام سوڳوار آھي تنھن ڪري اسان کي…

گڏيل قومن جي اداري ماڪڙ سبب پاڪستان ۾ بدتر صورتحال پيدا ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( م ڊ ) گڏيل قومن جي فوڊ اينڊ ايگريڪلچرل آرگنائيزيشن ايف اي او چيو آهي ته  پاڪستان ۾ 38 سيڪڙو ايراضي تي ماڪڙ جي  واڌ ويجهه جاري آهي، ايف اي او خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن بروقت ڦوهارو نه ڪيو ويو ته سمورو ملڪ کي ماڪڙ حملي کي منهن…

24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 762 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت آگاھي ڏيندي چيو آھي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 762 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن ۽ وڌيڪ 14 مريض لاڏاڻو ڪري ويا. جڏھن ته 155 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي آھي. اھا ڳالھ…

شهيد بالاچ بگٽي جي بحريا ٽائون قبرستان ۾ تدفين

ملير (ڊ ر) پي آءِ اي جهاز سانحي ۾ شهيد ٿيندڙ ملير جي نوجوان ليفٽننٽ شهيد بالاچ بگٽي جي جنازي نماز بحريا ٽائون ڪراچي ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان آرمي، رينجرز، پوليس سميت سندس وارثن ۽ عزيزن شرڪت ڪئي، شهيد کي بحريا ٽائون جي قبرستان ۾ مٽي…

نئون ڪوٽ پوليس 22 ڳوٺاڻن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو!

جهڏو (رپورٽ اسحاق ساگر ڀٽي) جهڏو لڳ گذريل ڏينهن  ڳوٺ عبدالستار چانڊيو ۾ پوليس چڙهائي ۽ گهر ۾ ستل نوجوان تي فائرنگ دوران مارجي ويل ڳوٺ جي  نصير چانڊيو جي قتل تي ايس ايس پي ميرپور خاص پاران جوڙيل جانچ ٽيم ڊي ايس پي ڊگهڙي مير آفتاب ٽالپر ۽ ايس…