سالٽش پٽاٽو ڪيڪ

پٽاٽو (اُٻاري ميش ڪري وٺو) اڌ ڪلو

بين(اُٻاري چاپ  ڪري 6 عدد

دليو 100 گرام (صاف ڪري پاڻي ۾ پُسائي رکو)

ٽماٽو 2 عدد (کل ۽ ٻج ڪڍي چاپ ڪريو)

ساوا بصر (چاپ ڪري وٺو) 2 عدد

پنير (ڪدو ڪش ڪريو) 100 گرام

يخني 4 کان 5 کاڌي جا چمچا

آنا 2 عدد

لوڻ ذائقي مطابق

سفيد مرچ پائوڊر ذائقي مطابق

مکڻ 2 کاڌي جا چمچا

ترڪيب: هڪ ڪوپ ۾ پٽاٽا، بين، دليو ٽماٽو، ساوا بصر، پنير، تخني، آنا، سفيد مرچ پائوڊر ۽ مکڻ وجهي چڱي طرح مڪس ڪريو. هاڻي هڪ مکڻ لڳل گول ڪيڪ ٽن کڻو ۽ ان ۾ تيار ڪيل مرڪب وجهو ڪري اڳ کان گرم اوون ۾ 180 ڊگري سينٽي گريڊ تي 15 کان 20 منٽن تائين پچايو. جڏهن ڪيڪ جي مٿين سطح سنهري ٿي وڃي ته ٽن کي اوون مان ڪڍي ڪري ڪيڪ کي الٽو ڪري پليٽ ۾ ڪڍي وٺو، مزيدار سالٽش پٽاٽو ڪيڪ تيار آهي.