رپورٽ: سجاول: نانگڻ سم نالو ڪنهن جي نااهلي سبب پلٽي پيو؟؟

عوامي آواز رپورٽ
رپورٽ: سجاول: نانگڻ سم نالو ڪنهن جي نااهلي سبب پلٽي پيو؟؟
عوامي آواز رپورٽ رپورٽ: سجاول: نانگڻ سم نالو ڪنهن جي نااهلي سبب پلٽي پيو؟؟

 

سجاول ڀرسان چوماسي جي مينهن کانپوءِ سم نالو پلٽڻ ڪري ڳوٺ اسماعيل گرماڻي پاڻي هيٺ اچي ويو.

ڳوٺاڻن محمد حنيف ۽ گل محمد گرماڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نانگڻ سم نالي جي ڪيتري ئي عرصي کان صفائي نه ٿيڻ ڪري مينهن بعد پاڻي پلٽي پيو.

سندن چوڻ هو ته ضلع انتظاميا وڏي وزير جي هدايتن جي لتاڙ ڪندي سندن ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن چيو ته گهرن مان سم نالي جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري هو عيد  خوشيون به  ملهائي ناهن سگهيان.

سندن وڌيڪ چوڻ هو ته ڪَنو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڪيترن ئي گهر ڀاتين جي جسم تي ڦروڙيون نڪري آيو آهن،.

هنن اختيارين کان گهر ڪئي ته فوري طور نوٽيس وٺي سندن ڳوٺ مان سم نالي جو پاڻي نيڪال ڪرائي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي…………………

 

 

You might also like