اعجاز جکراڻي تي گهر تي ڇاپو ڇو هنيو ويو…؟ سعيد غني ٻڌائي ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني پارٽي اڳواڻن جي گرفتارين تي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پ پ جي مرڪزي اڳواڻن سان اهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، جهڙو ڪنهن ڦورو سان ڪيو ويندو آهي.

ڪراچي ۾ اعجاز جکراڻي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته نيب سميت ڪو به ادارو احتساب ڪري، اسان کي اعتراض نه آهي، اعجاز جکراڻي جي گهر تي نيب ڇاپو هنيو، ان تي به اعتراض ناهي پر چادر چارديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو، اسان جانبداراڻي احتساب جي خلاف آهيون، اعجاز جکراڻي جو اليڪشن ٽربيونل سان رابطو آهي، 14 آڪٽوبر تي ري ووٽنگ جو عمل شروع ٿيڻ جو امڪان آهي، اهو ڇاپو رڳو دٻاءُ وجهڻ لاءِ هنيو ويو، ڇو ته خورشيد شاهه سميت ٻيا جيالا گرفتار آهن پر هن وقت تائين انهن خلاف ڪو ريفرنس فائنل ناهي ڪيو ويو.

هي به پڙهي سگهو ٿا: ڪراچي:نيب جو اعجاز جکراڻي جي گهر تي ڇاپو…..!

هن چيو ته اعجاز جکراڻي کي عدالت ضمانت ڏني آهي پر کيس هراسان ڪيو پيو وڃي، عمران خان، اسد قيصر، محمود خان سميت ٻين تي ڪيس داخل آهن پر انهن کان ته پڇاڻو نٿو ڪيو وڃي، نيب انهن کان پڇاڻي کي وڏو ڏوهه سمجهي ٿو، نيب جي ڪارروائي ڪنهن کان لڪيل ناهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته فضل الرحمان جا مطالبا جائز آهن، حڪومت جو رويو ساڳيو رهيو ته سموريون پارٽيون حڪومت خلاف هڪ نقطي تي گڏ ٿي وينديون.

ان موقعي تي اعجاز جکراڻي چيو ته منهنجي گهر تي ڪارروائي ائين ڪئي وئي ڄڻ دهشتگرد جو گهر هجي،  دهشتگرد نه آهيان جو نقاب پوش ماڻهو گهر ۾ گهڙيا، اهڙو رويو ته مارشل لا ۾ به ناهي رکيو ويندو.

هن الزام هڻندي چيو ته منهنجي خلاف ڪارروائي مخالفن جي چوڻ تي ڪئي پئي وڃي، جاچ کي اڍائي سال گذري ويا پر ڪو به ثبوت ۽ شاهد نه مليو آهي، ٻن چئن ماڻهن کي سلطاني شاهد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر ڪجهه نه مليو ته پوءِ اهڙي ڪارروائي ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.