شعيب ملڪ ۽ محمد حفيظ لاءِ خراب خبر…

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) شعيب ملڪ ۽ محمد حفيظ سوڌو 4 کان 5 مشهور ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي فهرست مان ڊراپ ڪرڻ جو امڪان آهي.

قومي ڪرڪيٽرن کي سال 20-2019 لاءِ سالياني سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي حوالي سان پي سي بي جا وڏڙا مٿو ٻڌي ويهندا، ذريعن موجب شعيب ملڪ ۽ محمد حفيظ سوڌو 4 کان 5 مشهور ڪرڪيٽرن کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي فهرست مان ڊراپ ڪري سگھجي ٿو پر حتمي فيصلو  اجلاس ۾ شريڪ پي سي بي اختياريون ڪنديون.

ذريعن موجب رانديگرن جي پگھارن ۽ ميچ فيس ۾ 20 سيڪڙو واڌ ڪرڻ تي به اتفاق ٿي چڪو آهي، ٽيسٽ ٽيم ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندڙ رانديگرن جي فيس ۾ وڌيڪ واڌ تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي.

ايم ڊي وسيم خان جي سربراهي ۾ مدثر نذر، هارون رشيد ۽ ذاڪر خان سان گڏ هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر به ڄاڻايل رانديگرن جي فهرست تي صلاح مشورو ڪندو، آرٿر جو پي سي بي سان معاهدو 15 آگسٽ تائين آهي، جنهن ۾ هاڻ وڌيڪ واڌ ٿيڻ جو چٽو امڪان آهي.

گذريل سال پگھار کڻندڙن گھڻا رانديگر اهڙا هئا، جيڪي ٽيم جي گھٽ نمائندگي ڪري سگھيا يا بلڪل به نه کيڏيا، پي سي بي هاڻ ان انگ کي گھٽ ڪري 15 کان 20 جي وچ ۾ محدود ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اجلاس ۾ ان ڳالهه جو فيصلو به ڪيو ويندو ته ڪيترن ۽ ڪهڙن رانديگرن کي ان لسٽ ۾ شامل ڪيو وڃي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽنهي فارميٽس ۾ قومي ٽيم جو مستقل حصو بڻجندڙن کي ترجيح  ڏني ويندي، جيڪي رانديگر فهرست ۾ جاءِ حاصل نه ڪري سگھيا، اهي ڄاڻايل ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ صوبائي ٽيمن طرفان ڪانٽريڪٽ حاصل ڪرڻ جا اهل هوندا، نئين سليڪشن ڪميٽي جوڙڻ تي سليڪٽرن جي سفارش تي ان فهرست ۾ 2 کان 3 وڌيڪ رانديگرن کي جاءِ ڏئي سگھجي ٿي.

اجلاس ۾ صلاح مشوري لاءِ جيڪا فهرست تيار ڪئي وئي آهي، ان ۾ بابراعظم، سرفراز احمد، اظهر علي، محمد حفيظ، فهيم اشرف، اسد شفيق، حسن علي، محمد عامر، فخر زمان، شاداب خان، محمد عباس، حارث سهيل، وهاب رياض، جنيد خان، امام الحق، عثمان خان شنواري، شان مسعود، عماد وسيم، آصف علي، محمد رضوان، عابد علي ۽ شاهين شاهه آفريدي آهن.

You might also like