انٽر بئنڪ ڊالر جي قيمت 155 رپين کان وڌي وئي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي قيمت ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي برقرار آهي. جمعي ڏينهن به ڪاروبار جي شروعات کان ئي ڊالر جي ملهه ۾ اضافو ڏٺو ويو ۽ شروعات ۾ ڊالر هڪ رپيو 10 پئسا مهانگو ٿي 154 رپين جو ٿي ويو آهي. انٽر بئنڪ ۾  پئسا اضافي سان ملڪي تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ مسلسل اضافو ڏٺو پيو وڃي. گذريل ڏينهن به انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ هڪ رپيو 44 پئسا اضافو ڏٺو ويو، جڏهن ته ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي بي قدري جو سلسلو اڄ به جاري رهي آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي جنهن کانپوءِ ڊالر 153 رپين جي سطح پار ڪري ويو آهي. انٽر بئنڪ ۾ ڊالر  2 ڏهائي 25 رپيه مهانگو ٿي 155 ڏهائي 15 رپين سان ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي برقرار آهي.  انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو ملهه وڌڻ سان اوپن مارڪيٽ ۾ به ان جي قيمت ۾ 2 ڏهائي 50 رپيه اضافو ٿيو جنهن سان ڊالر اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 155 رپين جو ٿي ويو آهي. گذريل ڪجهه مهينن کان رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي ملهه ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. جون دوران انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جي ملهه ۾ ست رپيه 23 پئسا اضافو ٿيو آهي جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 6 رپيه اضافو ٿيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.