سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اسڪولن خلاف ڪارروائي جو حڪم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ حڪومت کي 5 سيڪڙو کان وڌيڪ فيسون ۾ واڌ ڪندڙن اسڪولن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عقيل احمد عباسي، جسٽس محمد علي مظهر ۽ جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم تي ٻڌل 3 رڪني بينچ جي آڏو اسڪولن جي فيسن ۾ من پسند واڌ بابت خانگي اسڪولن جي خلاف توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

جسٽس عقيل عباسي پڇاڻو ڪيو، ڇا اڃان تائين سپريم ڪورٽ جي حڪم تي عملدرآمد ناهي ٿيو؟ قانون تي عملدرآمد ڪير ڪرائيندو؟ سرڪار ته بي وس آهي، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل صاحب منصوب صاحب کي 3 ڪرسيون ڏئي ويهاريو ويو آهي.

جسٽس عقيل عباسي ريمارڪس ڏنا ته انهن کي گارڊ وارڊ ڏيو، انهن کي طاقتور بڻايو انهن جي ته اسڪولن جا گارڊ ئي ناهن ٻڌندا، جنهن تي خانگي اسڪول جي وڪيل موقف ڏنو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب جون 2017ع کان عملدرآمد ٿيڻ گهرجي.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ائين ناهي توهان پنهنجي وضاحت پاڻ وٽ رکو. سپريم ڪورت ڪٽ آف ڊيٽ ڏئي ڇڏي آهي هاڻ خانگي اسڪولن کي عملدرآمد ڪريو.

عدالت سنڌ حڪومت کي فيس ۾ 5 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ڪندڙ اسڪولن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل موقف اختيار ڪيو ته سمورن اسڪولن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن ڪارروائي ڪنداسين، جنهن تي عدالت چيو ته سپريم ڪورٽ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته 5 سيڪڙو کان وڌيڪ وارو قانون جون 2017 کان هوندو، جون 2017ع کان پوءِ جنهن به واڌو واڌ ڪئي آهي اُهو واڌو رقم واپس ڪري. 5 سيڪڙو واڌ حڪومت جي منظوري سان سلهاڙيل آهي.

بعد ۾ عدالت والدين جي توهين عدالت جي درخواست اُڪلائي ڇڏي.

You might also like