حڪمرانن عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو

عتيق ملاح

وڌندڙ مهانگائي ۽ بيروزگاري انتهائي گهڻو وڌي چڪي آهي، حڪمرانن پيڙهيل طبقن کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي، سنڌ ۾ اهڙي صورتحال اکين سان ڏسي سگهجي ٿي، غربت جي ڪري ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن، والدين پاران پنهنجا ٻچا وڪڻڻ جا هوڪا ڏيندي ڏٺا وڃن ٿا، اهڙو ئي هڪ منظر حيدرآباد جي شهرين ڏٺو جڏهن ٽنڊو محمد خان سان تعلق رکندڙ هڪ پنهنجا ٻار وڪرو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد پهتو.

بينڪ جي قرضن جو ماريل پورهيت اڌڙوٽ شخص حيدرآباد جي روڊن تي پنهنجا ٻچا وڪرو ڪرڻ لاءِ حيدرآباد جي روڊن تي پنهنجا ٻار کڻي نڪتو ۽ ٻار وٺو جا هوڪا ڏيندو نظر آيو، ٻار وٺو ٻار وٺو جا هوڪا ڏيندڙ شخص ٽنڊو محمد خان شهر جي ريلوي جي علائقي ۾ قائم ٽالپر ڪالوني جو رهواسي اڌڙوٽ شخص محمد رفيق زنگيشاهي غربت کان تنگ اچي پنهنجي زال سان گڏ ٻار کڻي وڪري لاءِ حيدرآباد پهتو. هن سان سندس گهرواري پڻ موجود هئي، ٻار وڪڻڻ لاءِ آيل ٻنهي زال مڙس سرندي وارن ماڻهن کي اپيل ڪئي هئي ته هو سندن ٻار خريد ڪن ته جيئن هو بئنڪن جو قرض لاهي سگهن. ٻارڙا وڪرو ڪندڙ شخص جي هڪ نياڻي ست درجا پاس ڪيا آهن.

حيدرآباد سول اسپتال کان ويندي قدم گاهه مولا علي سميت مختلف چوڪن ۽ چوراهن تي هو پنهنجا ٻار وٺي پنڌ هلندي هوڪا ڏيندو نظر آيو، ائين ئي هو مختلف روڊن تان ٿيندو جڏهن حيدر چوڪ تي پهتو ته صحافي ۽ فوٽو گرافر به وڃي ان تائين پهتا، جتي هن ميڊيا جي ڪئمرائن جي اڳيان به  “ٻار وٺو، ٻار وٺو” جا هوڪا ڏنا ۽ ٻار وڪڻڻ جي ڪوشش ڪئي، هن هر هڪ ٻار جي 5 لک روپيا قيمت رکي، ڄڻ ته انسان وڪرو ڪرڻ جي ڪا بازار لڳل هئي، ان شخص سان گڏ سندس 5 ٻارڙا هئا، جن ۾ 4 نياڻيون هنيون، 4 معصوم نياڻيون هوڪا ڏئي وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي هئي، پر ڪو به سرندي وارو يا حڪومتي عملدار هن وٽ نه پهتو، جيڪي ٻارڙا وڪرو ٿي رهيا هئا انهن ٻارڙن ۾ 4 نياڻين سان گڏ هڪ نينگر به هو، محمد رفيق جي چئن نياڻين مان هڪ نياڻي ستون درجو پاس ڪري چڪي هئي.

 محمد رفيق زنگيشاهي بلوچ ٻڌايو ته هو ٽيڪسي هلائي پيٽ گذر ڪندو هو، هن 2017ع ۾ 3 لک رپين جي عيوض ٽنڊي محمد خان جي هڪ شخص وسيم کان مهراڻ گاڏي ورتي جيڪا خراب هئي ۽ گاڏي جا ڪاغذ به صحيح نه هئا. هن اها گاڏي مالڪ کي موٽائڻ چاهي، پر مالڪ کانئس گاڏي واپس نه ورتي، گاڏي وٺڻ لاءِ هن ڪجهه بئنڪن کان قرض ورتو هو، پر گاڏي پنهنجي قيمت نه ڪئي، جنهن ڪري هو قرضي ٿي ويو، بئنڪن جو هن مٿان 2 لک رپيا قرض آهي، جيڪو لاهڻ لاءِ هن پنهنجي گهر جو مختلف سامان به وڪرو ڪيو، پر پوءِ به قرض نه لهي سگهيو آهي، هاڻ بئنڪ وارا 2 لک رپين جو قرض وٺڻ لاءِ روزانو سندس گهر اچي پئسا ڏيڻ جو تقاضو ڪن ٿا، جڏهن ته هن وٽ قرض ڏيڻ لاءِ هڪ رپيو به نه آهي، هو قرض جي ڪري ايترو مجبور ٿي پيو جو پنهنجا ٻار وٺي حيدرآباد پهتو آهي.

هن جو چوڻ هو ته هو مسلسل 22 ڏينهن کان هو ٻار وڪڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر اڃا تائين سندس ٻار وڪرو نه ٿي سگهيا آهن، هو ٻار وڪڻڻ کانسواءِ گهر واپس نه ويندو ڇاڪاڻ ته بئنڪ وارا کيس مسلسل تنگ ڪري رهيا آهن. محمد رفيق جي زال مسمات سهڻي ٻڌايو ته سندس مڙس بيمار رهي ٿو، هاڻي هن ۾ ڪمائڻ جي توفيق به نه رهي آهي ان ڪري اسان مجبور ٿي پنهنجا ٻار وڪڻڻ آيا آهيون. پنهنجي جگر جا ٽڪرا پاڻ کان ڌار ڪرڻ ڏاڍو مشڪل عمل آهي، پر عزت جي ڪري ٻارن کي وڪڻي بئنڪن جو قرض ادا ڪنداسين، بئنڪن وارا ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ چون ٿا ته جيڪڏهن اوهان جي گهر ۾ لاش به پيل هجي ته به اسان کي قرض جا پئسا ادا ڪريو، ٻار نه وڪاڻا ته اسان زهر کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏينداسين.