رول ڪباب

شيون

مڇي جا انڊا: اڌ ڪلو

ڪٽيل بصر: هڪ عدد

سنهڙا ڪٽيل ساوا مرچ:چار عدد

پيسيل ڳاڙاهه مرچ:1 چانهه جو چمچو

ڪٽيل ڳاڙاهه مرچ: 1 چانهه جو چمچو

پيسيل ڪارا مرچ: 1 چانهه جو چمچو

ساوا ڌاڻا:اڌ گٺهي

لوڻ: ذائقي موجب

ترڪيب:

هڪ ٿانو ۾ اڌ ڪلو مڇي جا انڊا، چار عدد ڪٽيل ساوا مرچ، هڪ کان ٻه ڪٽيل بصر، هڪ چانهه جو چمچو پيسيل ڪارا مرچ ۽ ضرورت موجب لوڻ چڱي طرح ملايو، مڇي جي انڊن جا ڪباب ٺاهيو، فرائي پان ۾ هڪ ڪپ تيل گرم ڪري انڊن جي ڪباب چمچي جي مدد سان گرم ڪري تيل ۾ گولڊن برائون ڪري.

You might also like