سائنسدانن ۽ پوڙهن ماڻهن جي مدد ڪندڙ روبوٽ

اوسلو (ويب ڊيسڪ) ناروي جي هڪ ڪمپني اهڙو انسان جهڙو (هيومونائيڊ) روبوٽ ٺاهيو آهي جيڪو تجربي واري هنڌ سائنسدانن ۽ گھرن ۾ پوڙهن  ماڻهن  جي مدد ڪم ۾ڪندو.

ناروي جي ڪمپني هيلوڊي روبوٽڪس EVEr3  نالي روبوٽ تيار ڪيو آهي جنهن جو عملي مظاهرو هڪ نمائش ۾ به پيش ڪيو ويو آهي. ڦيٿن تي هلندڙ اهو روبوٽ پنهنجين ٻن ٻانهن سان ڪيترائي ڪم ڪري سگھندو ٿو  جيڪو هڪ ئي وقت 8 ڪلوگرام وزن به کڻي سگھندو آهي.

روبوٽ جو قد 175 سينٽي ميٽر ۽ وزن 76 ڪلوگرام آهي ۽ اهو 22 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان اڳتي وڌندو آهي. ان جي پٺيان هڪ ٽيون ڦيٿوبه  لڳل آهي جنهن سان اهو اڳتي ۽ پوئتي جهڪي سگھندو آهي. پر اهو انساني نقل يا حڪمن موجب عمل ڪندو آهي جنهن کي ٽيلي پريزنس روبوٽ چئي سگھجي ٿو. ان ڪري  ان روبوٽ کي ڪيترن ئي  ڪمن ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو.

اي وي اي آر ٿري روبوٽ يونيورسٽين ۽ تحقيقي ادارن ۾ سائنسندانن جي مدد لاءِ ٺاهيو ويو آهي جيڪو موبائل ۽ ٻين تحقيقي معاملن  ۾مدد فراهم ڪندو آهي. ان کي پروگرامنگ ۾ به استعمال ڪري سگھجي ٿو ۽ اهو هڪ بصري پليٽ فارم به فراهم ڪندو آهي جنهن تحت ڪجهه علائقن ۾ وڃڻ کان سواءِ ماهرن اتان جي ڄاڻ حاصل ڪري سگھن ٿا.

اهڙيءَ ريت بزرگن جي مدد ۽ خيال رکندڙ ماڻهو پري ويهي به روبوٽ ذريعي پنهنجن پيارن کي دوا ۽ کاڌو وغيره ڏئي سگھن ٿا. جيتوڻيڪ ان جي قيمت ڏيڍ لک ڊالر آهي ۽ ان جي فراهمي ايندڙ سال کان شروع ٿيندي.

You might also like