ڄامشوري ۾ روڊ حادثو 3 نوجوان فوت

ڄامشورو(ويب ڊيسڪ)  ڄامشوري ويجهو انڊس ها۽ وي تي موٽر سائيڪل کي مسافر ڪوچ جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 3 موٽر سائيڪل سوار فوت ٿي ويا.

حادثي جي نتيجي ۾ 20 ورهين جو علي ظفر دائيداڻو ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته عابدعلي کوسو ۽ گلن حسن ڪوريجو زخمي ٿي پيا.

اطلاع تي پوليس ۽  علائقي واسين فوتي جو مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ۽ فوتي جو مڙهه قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو .

زخمي نوجوانن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد ڪراچي منتقل  ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي ٻئي نوجوان فوت ٿي ويا.

You might also like