ٻڪرين کي بچائيندي ڪوچ ڪلٽي، زال  مڙس فوت، ڪيترائي زخمي

اسلام ڪوٽ (ويب ڊيسڪ) اسلام ڪوٽ ويجهو ٿرڪول روڊ تي ڪوسٽر  ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ زال  مڙس فوت ٿي ويا جڏهن ته 15 کان وڌيڪ ماڻهو  زخمي ٿي پيا آهن.

ڳوٺ تگوسر کان ايندڙ ڪوسٽر ٻڪرين کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن.

فوتين ۾ 50 سالن جو رڻمل ميگهواڙ ۽ سندن 45  ورهين جي زال کيان ٻائي شامل آهن.

پوليس  واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي اسپتال پهچايو جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي..

You might also like