دادو ۾ روڊ حادثو، ٻه ڄڻا فوت

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو ڀرسان جھلو ٿاڻي جي حد دادو – مورو روڊ تي ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمھون سامھون ٽڪر جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڇٽو مستوئي جا رهواسي پورهيت اڪبر پٽ محبوب مستوئي ۽ مرتضيٰ پٽ عيسيٰ مستوئي فوت ٿي ويا.

 اطلاع تي جھلو پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي لاش سول اسپتال دادو پھچايا، جڏھن ته ڊرائيور ٽرڪ کي ڇڏي فرار ٿي ويو ۽ پوليس ٽرڪ تحويل ۾ وٺي ڇڏي.

لاش ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا، جيڪي دادو ڀرسان ڳوٺ ڇٽو مستوئي کڻائي ويا، مڙهه گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو

You might also like