آرمي چيف کي تمغه جمهوريت ڏيڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي تمغه جمهوريت ڏيڻ جي مطالبي جو ٺهراءُ پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرايو ويو.

تحريڪ انصاف ميمبر هارون عمران گل طرفان جمع ڪرايل ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان آرمي چيف طرفان ملڪي سلامتي لاءِ پيشيوراڻي سپاهي طور ڪردار ادا ڪرڻ کي خراج جي نگاهه سان ڏسي ٿو، هي ايوان پاڪستان ۾ جمهوريت جي بقا ۽ استحڪام لاءِ به قمر جاويد باجوا جي غير جانبدار ڪردار کي ساراهي ٿو.

ٺهراءَ ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته پاڪ فوج جي سپهه سالار جنرل قمر جاويد باجوا کي جمهوريت جي بقا، استحڪام ۽ ملڪ جي جمهوري ادارن جي تحفظ تي تمغه جمهوريت سان نوازيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.