ڪرنٽ لڳڻ سبب فوتگيون، ڪي اليڪٽرڪ کان ٽن هفتن ۾ جواب طلب

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب فوتگين تي ڪي اليڪٽرڪ کان ٽن هفتن ۾ جواب گهري ورتو.

ڪراچي ۾ تازو برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب ماڻهو مرڻ جي حوالي سان درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي.

درخواست گذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته تازو برساتن ۾ 30 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، ان کان اڳ شهر ۾ ڪڏهن به ايترا ماڻهو ناهن مُئا.

درخواست ۾ چيو ويو ته شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي تارون کليل پيون آهن، جنهن تي عدالت درخواست گذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان پاڻ ڪٿي رهندا آهن؟ وڪيل جواب ۾ چيو ته مان ڪراچي ڪينٽ جي علائقي ۾ رهندو آهيان.

هن چيو ته ان کان اڳ به شهر ۾ برساتون ٿينديون رهيون آهن پر ايترا ماڻهو ڪڏهن ناهن مُئا، اها ڪي اليڪٽرڪ جي مجرماڻي غفلت آهي.

هوڏانهن ڪي اليڪٽرڪ طرفان عابد زبيري ايڊووڪيٽ وڪالت نامو جمع ڪرائي ڇڏيو.

ڪي اليڪٽرڪ ترجمان چيو ته سمورن حادثن تي افسوس ۽ متاثر خاندانن سان دلي همدردي آهي، هر قسم جي جاچ ۾ سهڪار ڪري رهيا آهيون پر حادثن جو وڏو سبب ڪنڊا، غير قانوني حد دخليون، ڪيبل ۽ انٽرنيٽ جون تارون آهن.

ڪي اليڪٽرڪ اختيارين موجب ڪيترائي حادثا گهرن اندر بي احتياطي ۽ اندرين بجلي وارن سامانن سبب پيش آيا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ کان برساتن دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب ٿيندڙ فوتگين تي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ٽن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like