پيٽ ڦوڪجڻ جي مسئلي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو سولو طريقو

گھڻن ماڻهن کي زندگي ۾ ڪنهن نه ڪنهن  وقت پيٽ ڦوڪجڻ جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

عام طور تي ائين تڏهن ٿيندو آهي جڏهن پيٽ ڀريل هجي ۽ سخت محسوس ٿئي ۽ غذائي نالي ۾ گيس جو گڏ ٿيڻ ان جو سبب بڻبو آهي.

پيٽ ڦوڪجڻ تي معمول کان وڏو نظر ايندو آهي ۽ تڪليف جو احساس به ٿي سگھي ٿو، جسم ۾ سيال جو اجتماع به ان جو سبب ٿي سگھي ٿو.

سڀ کان اڳ ته اهو ڄاڻڻ جي ضرورت آهي ته ان جو سبب ڇا آهي جيئن هاضمي جا مسئلا يعني قبض، کائڻ کان الرجي يا خاص جزن کي جسم جو هضم ڪرڻ کان انڪار پيٽ ڦوڪجڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿا.

گھڻن سافٽ ڊرنڪس، لوڻ يا کنڊ جو استعمال جڏهن ته خوراڪ ۾ فائيبر جو نه هجڻ به ان جو مک سبب آهي.

پر سٺي ڳالهه اها آهي ته طرز زندگي جي ڪجهه عام شين سان پيٽ ڦوڪجڻ جي مسئلي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي ۽ فوري طور تي رليف به ممڪن آهي.

پنڌ ڪرڻ

جسماني سرگرمي سان آنڊن جون سرگرميون معمول تي اچي وينديون آهن جنهن سان واڌو گيس ۽ فضلو خارج ٿيڻ ۾ مدد ملندي آهي. آنڊن جا فعل معمول تي آڻڻ قبض جو شڪار ماڻهن لاءِ گھڻو ضروري هوندو آهي، ڪجهه دير جو پنڌ پيٽ ڦوڪجڻ ۽ گيس جي دٻاءَ کان تيزي سان رليف ۾ مدد ڏئي سگھي ٿو.

يوگا

يوگا مخصوص مسلز کي غذائي نالي ۾ موجود واڌو گيس خارج ڪرڻ ۾ ڏئي سگھي ٿو.

ڦودني جي تيل جا ڪيپسول

ڦودني جي تيل جا ڪيپسول به بدهاضمي ۽ گيس جي حوالي مددگار ثابت ٿي سگھن ٿا ۽ پيٽ ڦوڪجڻ جي مسئلي کان رليف حاصل ڪري سگھجي ٿو، ڦودنو آنڊن جي مسلز کي سڪون پهچائي گيس ۽ فضلي کي گذرڻ ۾ مدد ڏيندو آهي، پر جيڪڏهن سيني ۾ جلن جي شڪايت رهندي آهي ته پوءِ ڦودني کان پاسو ڪرڻ بهتر آهي.

گيس رليف ڪيپسول

بازار ۾ اهڙا ڪيپسول سولائي سان ملي ويندا آهن جيڪي اوهان ڊاڪٽر جي مشوري سان خريد ڪري سگھو ٿا جيڪي غذائي نالي ۾ موجود واڌو هوا خارج ڪندا آهن.

پيٽ جي مالش

پيٽ جي مالش به ان حوالي سان مددگار ثابت ٿي سگھي ٿي، ان مقصد لاءِ سڄي ڪلهي جي هڏي تي هٿ رکي ۽ پوءِ سرڪيولر موشن ۾ هلڪي دٻاءَ سان کاٻي طرف پاسيرين تائين مالش ڪيو، ان کان پوءِ پيٽ جي مٿين حصي تي ساڄي طرف پاسيرين تائين مالش ڪيو، پوءِ هوريان کاٻي ڪلهي جي هڏي تائين هٿ کڻي وڃو، ضرورت پوڻ تي اهو عمل ورجايو. جيڪڏهن مالش دوران تڪليف ٿئي ته بهتر آهي ته ان کي ڇڏي ڏيو.

گرم پاڻي سان وهنجڻ

گرم پاڻي سان وهنجڻ تي پيٽ کي گرمائش ملندي آي جنهن سان ان تي دٻاءَ گھٽ ٿيندو آهي ۽ غذائي نالي وڌيڪ اثرائتي طريقي سان  ڪم ڪري سگھي ٿي جنهن سان پيٽ ڦوڪجڻ ۾ گھٽتائي آڻڻ ممڪن ٿي وڃي ٿو.

هاڻ اهي تبديليون ڄاڻيون جيڪي ڊگھي عرصي جي بنيادن تي ان مسئلي کان بچائڻ ۾ مدد ڏئي سگھن ٿيون.

فائبر جو استعمال وڌايو

گھڻي فائيبر جو استعمال قبض ۽ پيٽ ڦوڪجڻ جي روڪ ٿام ڪندو آهي، مردن کي روز 38 گرام جڏهن ته عورتن کي 25 گرام فائيبر استعمال ڪرڻ جو مشورو ڏنو ويندو آهي، پر اها ڳالهه به ذهن ۾ رهي ته گھڻو فائيبر کائڻ يا گهٽ وقت ۾ گھڻو کائڻ شروع ڪري ڇڏڻ وڌيڪ گيس  ۽ پيٽ ڦوڪجڻ جو سبب به بڻجي سگھي ٿو، ته فائيبر جي مقدار ۾ گھڻي واڌ ڪجهه هفتن ۾ ڪرڻ گھرجي ته جيئن جسم ان مان مطابقت حاصل ڪري سگھي.

پاڻي کي ترجيح

سوڊا، ڪاربونيٽڊ شربتن ۾ گيس هوندي آهي جيڪا پيٽ ۾ گڏ ٿي ويندي آهي، ان کي تيار ڪرڻ لاءِ ڪاربن ڊاءِ آڪسائيڊ جو استعمال ڪيو ويندو آهي  جيڪو پيٽ ڦوڪجڻ جو سبب بڻبي آهي، کنڊ يا مصنوعي مٺاڻ واريون شيون به گيس ۽ پيٽ ڦوڪجڻ جو سبب بڻجي سگھن ٿيون، اهڙن شربتن جي جاءِ تي پاڻي کي ترجيح ڏيڻ گھڻن مسئلن کا بچائي سگھي ٿي جڏهن ته قبض کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ به ممڪن ٿي ويندو آهي.

چيونگم کان پاسو ڪرڻ

چيونگ چٻاڙڻ دوران هوا به پيٽ ۾ هلي ويندي آهي جيڪا امڪاني طور تي پيٽ ڦوڪجڻ ۽ گيس جو سبب بڻجي سگھي ٿي،  تنهنڪري چيونگم کان پاسو ڪرڻ ئي بهتر آهي.

جسماني طور تي سرگرم ٿيڻ

ورزش جسم کي گيس ۽ قبض کان بچائڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿي ڇو جو ان سان آنڊا ٺيڪ طريقي سان فعال ٿيڻ جو امڪان وڌي ويندو آهي. ورزش سان جسم ۾ پگھر ذريعي واڌو سوڊيم خارج ٿيندو آهي جيڪو سيال جي گڏ ٿيڻ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو آهي. وزرش ڪرڻ کان اڳ ۽ پوءِ پاڻي پيئڻ نه وسارويو، ڇو جو جسم ۾ پاڻي جي کوٽ قبض کي وڌائي سگھي ٿي.

کائڻ وقت مناسب وقفو

اڪثر  ماڻهن کي گھڻو کائڻ تي پيٽ ڦوڪجڻ  جو مسئلو ٿيندو آهي ان کان بچڻ به سولو آهي ۽ اهو ائين آهي ته کائڻ وقت مناسب وقفو رکو ۽ گھٽ مقدار ۾ کائو، ته جيئن هاضمي جي نظام کي سرگرم رهڻ ۾ مدد ملي سگھي. کاڌي کي تيزي سان ڳيهڻ غذائي نالي ۾ هوا کي ڀرڻ هوندو آهي، اسٽرا سان شربت پيئڻ ماڻهن کي وڌيڪ هوا ڳيهڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي آهي  جنهن ڪري  گيس ۽ پيٽ ڦوڪجي  ويندو آهي، پيٽ ڦوڪجڻ جو شڪار ماڻهن کي اسٽرا کان پاسو ڪرڻ گھرجي ۽ کاڌو آرام سان کائڻ گھرجي.

پروبائيوٽڪس

پروبائيوٽيڪس آنڊن ۾ موجود سٺن بيڪٽيريز تي ٻڌل هوندا آهن، پروبائيٽيڪ سپليمينٽ آنڊن جي بيڪٽيريا کي ريگيوليٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگھي ٿو جيڪو گيس ۽ پيٽ ڦوڪجڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿو.

گھڻي لون کان پاسو ڪرڻ

گھڻو لوڻ کائڻ جي نتيجي ۾ جسم ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ لڳندو آهي جنهن سان پيٽ ڦوڪجڻ جو احساس ٿيندو آهي پر اهو مسئلو هٿن ۽ پيرن ۾ به سامهون اچي سگھي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.