ملڪ جي صدر پارليامينٽ تي حملو ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي…! رد عمل اچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ۽ پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته ملڪ جي صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران اليڪشن ڪميشن جي ٻن ميمبرن جي مقرري آئين جي ڀڃڪڙي آهي.

ميان رضا رباني پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته  افسوس جي ڳالهه آهي جو پارليامينٽ ۽ آئين تي حملو اندران ڪيو ويو، صدر بدنيتي تي ٻڌل اداري مان ارڙهين ترميم جي ڀڃڪڙي ڪئي.

سندس چوڻ هو ته صدر پارليامينٽ جو حصو آهي ۽ هن ارڙهين ترميم جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

پ پ اڳواڻ چيو ته ارڙهين ترميم ۾ صوابديدي اختيار جو لفظ هٽائي پارليماني ڪميٽي کي شامل ڪيو ويو هو ۽ آئين جي موجب وزير اعظم ۽ مخالف ڌر اتفاق راءِ سان ميمبرن جا ٽي نالا موڪليا هئا.

هن وڌيڪ چيو ته وزير اعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي وچ ۾ شروعاتي ڳالهيون ناهن ٿيون.

You might also like