راولپنڊي ڌماڪي ۾ موت جي سزا جو جوابدار آزاد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آرا بازار راولپنڊي آپگهاتي ڌماڪي ۾ موت جي سزا جي جوابدار عمر عديل خان کي آزاد ڪري ڇڏيو.

عدالت عظميٰ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ ويڊيو لنڪ جي ذريعي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري مان وڪيلن دليل ڏنا.

ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل امجد رفيق عدالت کي ٻڌايو ته اِهو عام ڌماڪو ناهي ٽارگيٽڊ  بم ڌماڪو هو، 3 ماڻهو گاڏي ۾ آيا هئا جنهن مان هڪ بس ۾ داخل ٿيو ۽ ٻيا 2 واپس هليا ويا ۽ جڏهن گاڏي واپس هلي وئي ته بس ۾ ڌماڪو ٿي پيو.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته جڏهن گاڏي جو پتو لڳايو ويو ته 11 مهينن تائين ڪرائي تي گاڏي وٺندڙ  جو نالو سامهون ڇو نه آيو، جيڪڏهن رينٽ اي ڪار جي رسيد اصلي هئي ته پوليس کي پهرين ڏينهن کان خبر هئي ته ڪار ڪنهن ورتي.

جسٽس سردار طارق محمود سوال ڪيو ته پوليس کي نالو خبر هئي ته جوابدار کي گرفتار ڇو نه ڪيو ويو جنهن تي سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته 11 مهينن تائين جوابدار جي ڳولا جاري رهي.

عدالت عظميٰ جي جج پڇاڻو ڪيو ته جوابدار جو نالو ته 11 مهينن تائين ريڪارڊ تي آيو ئي ناهي ته پوءِ توهان اِهو ڪيئن چئي رهيا آهيو ته ڳولا جاري هئي؟

هي به پڙهي سگهو ٿا :بلديا فيڪٽري سانحي ڪيس جو مرڪزي جوابدار آزاد….!

سرڪاري وڪيل امجد رفيق عدالت کي ٻڌايو ته واقعي ۾ 20 انساني جانيون ضايع ٿيون هيون، هي اسان جي ملڪ جي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ وارا ماڻهو هئا جنهن جي ڪري ان ڪيس کي عام ڪيس جيان نه ڏٺو وڃي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته توهان ڏاڍو وڏو بيان ڏنو آهي ته ان ڪيس کي عام ڪيس جيان نه پرکيو، توهان سرڪاري طرفان آيو  حڪومت قانون ۾ تبديلي ڪري ته اسان ان جي موجب ڏسي سگهون ٿا.

سندس چوڻ هو ته جيڪو قانون موجود آهي اُهو سڀني جي لاءِ برابر آهي، اسان کي سڀني جي لاءِ انهيءَ قانون جي موجب فيصلا ڪرڻا آهن، جيڪڏهن توهان ڪنهن جي لاءِ خاص قانون چاهيو ٿا ته قانون سازي ڪرايو.

چيف جسٽس جو چوڻ هو ته 20 قيمتي جانيون هليون ويون پوءِ سرڪار سٺو ڪيس نه ٺاهيو، انهن ماڻهن جون قوم لاءِ قربانيون آهن ۽ قوم انهن جي لاءِ اِهو ڪيس بڻايو آهي ته 11 مهينن کان پوءِ سڃاڻپ پريڊ آڻي رهيا آهيو.

هن پڇاڻو ڪيو ته ڇا 11 مهينن کان پوءِ ڪنهن جي شڪل ياد رهندي آهي، 2 پوليس اهلڪارن کي شاهد بڻايو ويو ڇو ته وردي ۾ حڪم کان انڪار نٿا ڪري سگهن، ايتري وڏي بازار ۾ ڇا ڪو ٻيو شاهد نه مليو.

هن چيو ته اسان کي الله جي سامهون جواب ڏيڻو آهي اسان حلف کنيو آهي، قانون جي موجب شهادت نه هجي ته اسان ڇا ڪيون، ملوث هئڻ ۾ ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪجهه ته شهادتون هئڻ گهرجن.

هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته  ايتري وڏي ڪيس ۾ ايتريون ڪمزور شهادتون آنديون ويون .

هن ريمارڪس ڏنا ته جوابدار جو ڪنهن دهشتگرد تنظيم سان تعلق به ثابت ناهي ٿيو.

بعد ۾ عدالت جوابدار عمر عديل خان کي آزاد ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.