رتيديري ۾وڌيڪ33 ايڊز ڪيس ظاهر، ٻارن جي وارڊ جو افتتاح، گرفتار ڊاڪٽر جيل حوالي

رتوديرو/باڊهه/ڪوٽڙي (نمائندا ) رتي ديري ۾وڌيڪ33 ايڊز ڪيس ظاهر، ٻارن جي وارڊ جو افتتاح، گرفتار ڊاڪٽر جيل حوالي، ڄامشوري ۾اسڪريننگ ڪيمپون نه لڳيون، باڊهه ۾آگاهي پروگرام ڪوٺايو ويو، ان سلسلي ۾مليل ڄاڻ موجب رتي ديري ۾ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي تي ضابطو اچي نه سگھيو آهي، تعلقي اسپتال ۾لڳل رت جي چڪاس واري ڪئمپ تي 16 سئو ماڻھن جي رت جي چڪاس ڪئي وئي، جن ۾33 نوان ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي  ۾ورتل مريض ظاھر ٿيا آھن، جن ۾ 28 ٻارڙا شامل آھن، جڏھن ته صرف رتي ديري ۾ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي جو تعداد 481 ٿي ويو آھي، جن ۾ 80 سيڪڙو ٻارڙا شامل آھن. 20 ڏينھن گذرڻ بعد صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره پيچوھو ايڊز وائرس ايڇ آءِ وي ۾مبتلا مريضن جي پرگھور لھڻ لاءِ رتوديرو پھتي ۽ تعلقي اسپتال رتوديرو ۾رت جي چڪاس لاءِ لڳل ڪئمپ جو دورو ڪيو، اتي موجود عملي کان تفصيل ورتا، ان کان اڳ ڊاڪٽر عذره پيچوھو پاران آءِ ايڇ ايس جي طرفان قائم ڪيل ٻارڙن جي وارڊ جو پڻ افتتاح ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊاڪٽر عذره پيچوھو چيو ته رتيديري جي ھڪ مقامي  ايم بي بي ايس  ڊاڪٽر پاران ساڳئي سرنج جو مختلف مريضن تي باربار استعمال ڪيو ويو،  جيڪي ايڇ آءِ وي وائرس ۾ مبتلا مريض آھن انھن جو لاڙڪاڻي ۾ علاج شروع ٿي ويو آھي،

اسڪريننگ ڪٽس لاءِ 60 ملين رپين جي ضرورت آهي: عذرا پيچوهو

لاڙڪاڻو (رپورٽ: مرتضيٰ ڪلهوڙو) سنڌ جي صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي مرض ڦهلجڻ کان پوءِ 17 ڏينهن کان پوءِ لاڙڪاڻي پهتي جتي هن ڪمشنر آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ ڊي جي هيلٿ، صحت کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري، ڪمشنر لاڙڪاڻو محمد سليم رضا کهڙو، ڊپٽي ڪمشنر محمد نعمان صديق، ڊبليو ايڇ او، يونيسيف جي نمائندن، سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام سميت صحت کاتي جي عملدارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي عملدارن پاران صحت کاتي جي صوبائي وزير کي ايڇ آءِ وي ڦهلجڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن تي صوبائي وزير اطمينان جو اظهار پڻ ڪيو. اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته رتوديرو ۾ ايڇ آءِ وي وائرس جي ڦهلجڻ بعد نيشنل ۽ پراونشل ايڊز ڪنٽرول پروگرام سميت انٽرنيشنل ڊونر ايجنسيز سان گڏجي آغا خان ۽ ڊائو يونيورسٽي جي ماهر ڊاڪٽرن بهتر طريقي سان ڪم ڪري 11 هزار ماڻهن جي بلڊ اسڪريننگ ڪئي جنهن مان 445 مريضن ۾ ايڇ آءِ وي پازيٽو ظاهر ٿي جنهن ۾ 53 ٻار ۽ 81 بالغ ماڻهو شامل آهن جڏهن ته سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن پوري سنڌ ۾ 500 عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون سيل ڪيون ويون،

ميروخان ۾پورهيت جي پٽ کي ايڊز جي تصديق، علاج ڪرائڻ جي اپيل

ميروخان (ن ع آ) ميروخان ۾پورهيت جي پٽ کي ايڊز جي تصديق، علاج ڪرائڻ جي اپيل، خبر موجب ميروخان ڀرسان ڳوٺ ماڳ جي پورهيت ظفر الله ديناري جي اڍائي ورهين جي معصوم پٽ جنيد ديناريءَ کي به ايڊز جھڙي خطرناڪ بيماري ۾ظاهر ٿي آهي، متاثر ٻارڙي جنيد ديناري جي پيءُ ظفرالله ديناري صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته 10 مئي تي شڪ جي بنياد تي آغا خان ليبارٽري لاڙڪاڻي مان پٽ جنيد جي ايڇ آءِ وي ايڊز جي ٽيسٽ ڪرائي هئي جنهن جي رپورٽ ۾ ايڇ آءِ وي پازيٽو آئي آهي، هن چيو ته رپورٽ پازيٽو اچڻ بعد معصوم پٽ کي رتوديرو ۾سرڪار پاران قائم ڪئمپ تي کڻي ويس جن چيو ته سڀاڻي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال ۾ داخل ڪرائي علاج ڪرايو،

 ظفرالله ديناري سنڌَ سرڪار ۽ ٻين اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته مان غريب پورهيت آهيان منهنجي پٽ جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي سندس حياتي بچائي وڃي. هوڏانهن جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ساڃاهه وندن عبدالوهاب لاکو، عبدالظاهر تنيو، وڪيل منصور ارشاد تنيو، ممتاز علي گوپانگ، حافظ مجيب الرحمان تنيو، عبدالمالڪ چانڊيو ۽ ٻين مطالبو ڪيو آهي ته ميروخان ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز جي ٽيسٽ ڪرڻ جي لاءِ مفت ڪئمپ لڳائي وڃي.

شيخ زيد لاڙڪاڻي ۾هلندڙ سينٽر تي 94 ڳورهارين عورتن ۾وائرس ظاهر

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال ۾ سنڌ ايڊز ڪنٽرول پروگرام تحت هلندڙ سينٽر تي هن وقت تائين ڳورهارين عورتن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز ظاهر ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ٻڌايو وڃي ٿو ته 2011ع کان شروع ٿيل هن سينٽر تي 94 ڳورهاري عورتن کي ايڇ آءِ وي ايڊز جو وائرس ظاهر ٿيو آهي، جن مان علاج ٿيڻ سبب 80 عورتن جا ٻار ڄمڻ کانپوءِ انهن ٻارن جي بلڊ اسڪريننگ ٿيڻ بعد ٻارڙن جي ٽيسٽ نيگيٽو آئي آهي.

 ان سلسلي ۾ ڊاڪٽر انيلا اسراڻ ٻڌايو ته سندس سينٽر تي 94 ڳورهاري عورتن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز ظاهر ٿي جن جو علاج جاري آهي ۽ 80 کان وڌيڪ اهڙن عورتن جو آپريشن ڪري چڪا آهيون جن جي ٻارن جي ٽيسٽ ڪرائڻ کانپوءِ رزلٽ نيگيٽو آئي آهي.

You might also like