رتي ديري ۾ ايڊز جي  مريضن  جو انگ 59 ٿي ويو

لاڙڪاڻو  ( ويب ڊيسڪ ) لاڙڪاڻي ۾ ايڊز جي مريضن جو انگ 59 ٿي ويو  جڏهن ته وڌيڪ ماڻهن جي اسڪريننگ جاري آهي.

 

رتي ديري ۾ ايڊز ۾ مبتلا ماڻهن ۾ ٻارن جو به وڏو انگ شامل آهي، ڊپٽي ڪمشنر علائقي ۾ موجود سرڪاري اسپتالن جي ڊاڪٽرن جو شڪ جي بنياد تي چڪاس ڪرائي وئي جنهن دوران ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو جي ٽيسٽ مثبت آئي جنهن تي ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري مختلف قلم شامل ڪري تحت مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

 اتنظاميا جو چوڻ آهي ته جوابدار ڄاڻي واڻي هڪ ئي سرنج سان مختلف مريضن کي انجيڪشن هنيا جڏهن ته جوابدار جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي بيماري کان اڻڄاڻ هو.  

 

ٻئي پاسي سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن گرفتار ڊاڪٽر مظفر گهانگهرو جا سمورا دستاويز سيل ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ ماڻهن جي اسڪريننگ جو عمل جاري آهي جنهن ۾ ايڊز ۾ مبتلا مريضن ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

 

سنڌ ۾ ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي انچارج سڪندر ميمڻ چيو آهي ته رتي ديري جا 2100 کان وڌيڪ مرد، عورتون ۽ ٻارڙن جي رت جا نمونا حاصل ڪيا ويا آهن جڏهن ته وڌيڪ ماڻهن جو به رت ٽيسٽ ڪيو پيو وڃي. ايڊز ۾ مبتلا ماڻهن گهڻو انگ ٻارن جو آهي.

 

You might also like