رس ملائي

شيون

سڪو کير: 1 ڪوپ

سوجي: 1 چانهه جو چمچو

بيڪنگ پائوڊر: اڌ چانهه جو چمچو

تيل: 1 چانهه جو چمچو

انڊو: 1 عدد

کنڊ: 1 ڪوپ

کير: اڌ ڪلو

الاچئي: 6 عدد

بادام پستا ضرورت موجب

ترڪيب:

سڪي کير ۾ بيڪنگ سوڍا پائوڊرل تيل، الائچي ۽ سوجي مڪس ڪيو. انڊي کي آهستي آهستي مڪسچر ۾ شامل ڪري کير ڳورهي ڇڏيو ۽ پيڙا ٺاهي وٺو. کير ۾ الائچي ۽ کنڊ شامل ڪري ايترو پچايو جو کير ٽي پاءُ وڃي بچي. هاڻ پيڙا ان ۾ وجهي ڍڪ ڏئي ان پچڻ ڏيو جيئن پيڙا نرم ٿي وڃن. 15 منٽن کان پوءِ پستا بادام مٿان وجهي پيش ڪيو.

You might also like