راشد خان افغان ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر

 

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغان ڪرڪيٽ بورڊ نوجوان ليگ اسپنر راشد خان کي ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو.

افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب راشد خان ٽنهي فارميٽن ۾ ٽيم جي اڳواڻي ڪندو، جڏهن ته اصغر افغان کي سندس نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ 20 ورهين جو راشد خان رڳو ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ افغان ٽيم جي اڳواڻي ڪندو هو.

واضح رهي ته ورلڊ ڪپ 2019 ۾ افغان ٽيم جي ڪارڪردگي بدترين رهي ۽ ان کي 9 ئي رائونڊ ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.