رينجز جون ڪراچي ۾ ڪارروائيون…..

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ رينجرز شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪارروائيون ڪندي 22 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

رينجرز ترجمان طرفان جاري پڌرائي موجب رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي ڦرلٽ، ڌاڙي ۽ غير قانوني هٿيار رکڻ جي الزام ۾ ساجد ۽ بلال نالي جوابدارن کي گرفتار ڪيو جن وٽان ڦر جو سامان به هٿ ڪيو ويو.

ان کان سواءِ رينجرز ڪراچي جي علائقي ڊيفنس ۾ موجود بوٽ بيسن، فيروز آباد، مدينه ڪالوني ۽ سائٽ سپر هاءِ وي ڪارروائي ڪندي 11 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار ٿيل سمورا جوابدار ڌاڙن ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن ۾ ملوث آهن.

رينجرز عوامي ڪالوني ۾ گڏيل ڪارروائي ڪندي مومن عباس نالي شخص کي گرفتار ڪري ورتو جنهن تي غير قانوني هٿيار رکڻ ۽ ٻين ڏوهن ۾ ملوث هئڻ جو الزام آهي، ان کان سواءِ رينجرز لياري جي علائقي چاڪيواڙه ۽ فيروز آباد ۾ ڪارروائي ڪندي 6 منشيات فروشن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.

You might also like