” رشي ڪپور ڪينسر خلاف جنگ کٽي ورتي “

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي فلم انڊسٽري جي چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپور چيو آهي ته سندس والد ۽ بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار رشي ڪپور جي طبعيت ۾ پهريان کان ڪافي بهتري آئي آهي، هڪ يا ٻن مهينن ۾ گهر واپس موٽي ايندو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب رنبير ڪپور ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي،  ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اداڪار رنبير ڪپور چيو ته گذريل سال سندس ڪٽنب لاءِ ڏکيو سال رهيو ، هُن ۽ سندس والد ڏاڍو ڪڙو وقت گذاريو آهي، پر هاڻ سندس والد جي طبعيت ۾ سڌارو اچي رهيو آهي،  هو بهتر محسوس ڪري رهيو آهي ۽ هڪ يا ٻن مهينن ۾ گهر واپس اچي ويندو.

رنبير ڪپور ٻڌايو ته سندس والد جي خواهش ۽ ڪوشش رڳو فلمن ۾ ڪم ڪرڻ آهي، اداڪار رشي ڪپور کي گذريل سال ڪينسر جي تشخيص ڪئي وئي هئي جنهن کانپوءِ هو سپٽمبر کان نيويارڪ ۾ ڪينسر جي علاج ڪرائي رهيو آهي.

You might also like