نيب طرفان ڪارروائي جو عمل تيز، 4 آفيسر ۽ خانگي ٺيڪيدار گرفتار

اسلام آباد/لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتسبا بيورو (نيب) لاهور ريلوي سنگل بدعنواني ڪيس ۾ ملوث پاڪتان ريلويز جي سينيئر آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جو عمل تيز ڪندي 4 ريلوي آفيسرن ۽ خانگي ٺيڪدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

گرفتار جوابدارن ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر فهيم انور شاهه (بي ايس 20)، اڳوڻو چين سگنل انجينئر جوابدار عطا الله (بي ايس 20)،  اڳوڻو چيف فائنينشل آفيسر ڊاڪٽر محمد سعيد (بي ايس 20) ۽ ڊپٽي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محمد احمد (بي ايس 18) ۽ خانگي فرم جو مالڪ (ٺيڪيدار) ڊاڪٽر معاذ محي الدين شامل آهن.

نيب لاهور ٻڌايو ته جاچ دوران جوابدارن جي اليڪٽرڪ سگنل منصوبي ۾ ملي بڳت سان ڪروڙين رپين جي بدعنواني تي سگنل نظام لڳائڻ جي لاءِ ميسرز اڪيوي ناڪس نامي ڪمپني کي ٺيڪو جاري ڪيو ويو.

اداري موجب 55 ڪروڙ رپين جي ماليت جو ٺيڪو مبينا طور تي قاعدن ۽ ضابطن جي خلاف ميسرز اڪيوي ناڪس جي فراهم ڪيو ويو هو، ميسرز اڪيوي ناڪس ڪيٽگري 5 جي هڪ ڪمپني هئي جڏهن ته ڪيٽگري 3 جو ڪو به فرم اهو ٺيڪو حاصل ڪرڻ جي اهل نه هو.

نيب لاهور ٻڌايو ته ريلوي آفيسرن طرفان ميسرز اڪيوي ناڪس کي ٺيڪي فراهمي ڪرڻ لاءِ ڪوڙا دستاويز تيار ڪيا ويا ۽ جاچ ۾ ثابت ٿيو ته جوابدارن جي ملي ڀڳت سان ڪمپني کي گهربل تجربي ۾ به رعايت فراهم ڪئي وئي.

ڪيسن جي وڌيڪ تفصيل موجب ميسرز ايڪوي ناڪس طرفان فراهم ڪيل اوزارن جي ماليت 38 ڪروڙ رپيا ظاهر ڪئي وئي جڏهن ته انهن اوزارن جي اصل قيمت 9 ڪروڙ 70لک هئي ۽ جوابدارن جي اهڙي قدم سان حڪومتي ناڻي کي مبينا طور تي 28 ڪروڙ رپين جو نقصان رسيو.

اختيارين ٻڌايو ته ريمارنڊ دوران جوابدارن کان منصوبي ۾ مبينا ڌانڌلي ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري بابت اهم ڄاڻ جا امڪان آهن.

نيب لاهور اختيارين سمورن جوابدارن جو جسماني ريمارنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ کين سڀاڻي احتساب عدالت ۾ پيش ڪنديون.

You might also like