ڌانڌلي جي جاچ نه ٿيڻ تي افغان عورت اميدوارن چپ سبي ڇڏيا

ڪابل(م ڊ) افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ صدارتي محل آڏو گذريل سال جي چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف احتجاج ڪندڙ عورت اميدوارن گذريل ڏينهن احتجاج طور پنهنجا چپ سبي ڇڏيا، ملڪ جي مختلف صوبن مان آيل اهي عورت اميدوار گذريل سال آڪٽوبر ۾ منعقد ٿيندڙ پارلياماني چونڊن ۾ ناڪام ٿيون هيون، ننگر هار مان افغان ولسي جرگا يا هيٺين ايوان لاءِ اميدوار ڊيوه نيازي پنهنجي 5 ساٿين سميت پنهنجا چپ سبي ڇڏيا، بي بي سي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته اها هن جي بيوسي ۽ مظلوميت جي آخري حد آهي ،ڇو ته حڪومت گونگي ۽ ٻوڙي آهي، احتجاج ڪندڙ عورتن جو الزام آهي ته گذريل سال جي چونڊن ۾ ساڻن ڌانڌلي ٿي آهي ۽ سندن جاءِ  تي اهي ماڻهو پارليامينٽ ۾ ويا جن رشوت ۽ دٻاءُ ذريعي چونڊن جا نتيجا تبديل ڪريا، سندن چوڻ آهي ته اسان افغان عورتون ٽن مهينن کان هتي احتجاج  تي ويٺيون آهيون، پر صدر وٽ ٽن منٽن جو وقت به ناهي ته هو اسان جي مطالبن جي حل لاءِ اسان کي ٻڌي، ڊاڪٽر زاهده فيضان ٻڌايو ته انهن جو احتجاج گذريل ٽن مهينن کان جاري آهي پر شنوائي نه ٿيڻ تي سندن پنج ساٿين احتجاج طور پنهنجا چپ سبي ڇڏيا، اسان کي هتي خيما هڻندي ٽي مهينا ٿي ويا، بک هڙتال تي آهيون

You might also like