ننڍي عمر ۾ شادين جو مسئلو ڪيئن حل ٿيندو….؟ اهم خبر پڙهندا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪونسل جي چيئرمين قبله اياز چيو آهي ته ننڍي عمر ۾ شادين جو مسئلو رڳو قانون سازي سان حل نٿو ٿي سگهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سندس چوڻ هو ته ننڍي عمر ۾ شادي بابت 1961 ۾ به قانون سازي ٿي، جبري قانون سازي مسئلن جو حل ناهي.

سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ قانون سازي جي باوجود ننڍي عمر ۾ شادي جو مسئلو وڌي ويو آهي، ان حوالي سان جيستائين عوامي شعور اجاڳر نه ڪيو ويندو مسئلو جيئن جو تيئن ئي رهندو.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عالمن سميت زندگي جي ٻين شعبن جا ماڻهو ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي لاءِ سنجيدگي سان سوچي رهيا آهن، هاڻ حڪومت جو ڪم آهي ته هو سنجيده قدم کڻندي عوامي مهم هلائي.

You might also like